PDF —
78 آيت Medinan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سوره رحمن pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سوره رحمن pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره رحمن ترجمو. سوره رحمن (Medinan) 78 آيت.

→ قمرسوره رحمن واقعہ ←


78 آيت · Medinan · سنڌي
bismillah
ﭷﭸ
55:1 ٻاجھاري (الله).
ﭹﭺﭻ
55:2 قرآن سيکاريو.
ﭼﭽﭾ
55:3 ماڻھو کي پيدا ڪيائين.
ﭿﮀﮁ
55:4 ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.
ﮂﮃﮄﮅ
55:5 سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.
ﮆﮇﮈﮉ
55:6 ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.
ﮊﮋﮌﮍﮎ
55:7 ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.
ﮏﮐﮑﮒﮓ
55:8 ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.
ﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚ
55:9 ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
ﮛﮜﮝﮞ
55:10 ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.
ﮟﮠﮡﮢﮣﮤ
55:11 منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.
ﮥﮦﮧﮨﮩ
55:12 ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.
ﮪﮫﮬﮭﮮ
55:13 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮯﮰﮱﯓﯔﯕ
55:14 ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.
ﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜ
55:15 ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.
ﯝﯞﯟﯠﯡ
55:16 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯢﯣﯤﯥﯦ
55:17 جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.
ﯧﯨﯩﯪﯫ
55:18 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭑﭒﭓﭔ
55:19 ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.
ﭕﭖﭗﭘﭙ
55:20 انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.
ﭚﭛﭜﭝﭞ
55:21 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭟﭠﭡﭢﭣ
55:22 انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.
ﭤﭥﭦﭧﭨ
55:23 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯ
55:24 ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.
ﭰﭱﭲﭳﭴ
55:25 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭵﭶﭷﭸﭹ
55:26 جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀ
55:27 ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.
ﮁﮂﮃﮄﮅ
55:28 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑ
55:29 جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.
ﮒﮓﮔﮕﮖ
55:30 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮗﮘﮙﮚﮛ
55:31 اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.
ﮜﮝﮞﮟﮠ
55:32 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓ
55:33 اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.
ﯔﯕﯖﯗﯘ
55:34 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
55:35 اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.
ﯢﯣﯤﯥﯦ
55:36 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭ
55:37 پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.
ﯮﯯﯰﯱﯲ
55:38 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻ
55:39 پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.
ﯼﯽﯾﯿﰀ
55:40 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇ
55:41 ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
55:42 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜ
55:43 (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.
ﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
55:44 انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.
ﭣﭤﭥﭦﭧ
55:45 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
55:46 ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.
ﭮﭯﭰﭱﭲ
55:47 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭳﭴﭵ
55:48 ٻئي باغ گھاٽا آھن.
ﭶﭷﭸﭹﭺ
55:49 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭻﭼﭽﭾ
55:50 انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.
ﭿﮀﮁﮂﮃ
55:51 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
55:52 انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.
ﮊﮋﮌﮍﮎ
55:53 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙ
55:54 اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.
ﮚﮛﮜﮝﮞ
55:55 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨ
55:56 اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.
ﮩﮪﮫﮬﮭ
55:57 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﮮﮯﮰﮱ
55:58 اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.
ﯓﯔﯕﯖﯗ
55:59 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯘﯙﯚﯛﯜﯝ
55:60 چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.
ﯞﯟﯠﯡﯢ
55:61 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯣﯤﯥﯦ
55:62 ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.
ﯧﯨﯩﯪﯫ
55:63 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯬﯭ
55:64 ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.
ﯮﯯﯰﯱﯲ
55:65 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯳﯴﯵﯶ
55:66 اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.
ﯷﯸﯹﯺﯻ
55:67 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﯼﯽﯾﯿﰀ
55:68 انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.
ﰁﰂﰃﰄﰅ
55:69 پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭑﭒﭓﭔ
55:70 انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.
ﭕﭖﭗﭘﭙ
55:71 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭚﭛﭜﭝﭞ
55:72 حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.
ﭟﭠﭡﭢﭣ
55:73 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪ
55:74 انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.
ﭫﭬﭭﭮﭯ
55:75 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶ
55:76 ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.
ﭷﭸﭹﭺﭻ
55:77 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂ
55:78 تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.

قرآن ڪريم


Wednesday, September 9, 2026

Don't forget us in your sincere prayers