سورو حجر pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)
سورو حجر pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو حجر ترجمو. حجر (Meccan) 99 آيت.
Related
- حجر ترجموسنڌي
- حجر mp3ٻڌو
- Quran Index سنڌي114
More سورو PDF
سورو حجر

ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘ
15:1
الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.
ﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠ
15:2
ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا.
ﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩ
15:3
(اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا.
ﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
15:4
۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
15:5
ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃ
15:6
۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين.
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌ
15:7
جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟
ﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖ
15:8
(اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي.
ﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞ
15:9
اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.
ﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦ
15:10
۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون.
ﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯ
15:11
۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا.
ﮰﮱﯓﯔﯕﯖ
15:12
۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون.
ﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞ
15:13
جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي.
ﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨ
15:14
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن.
ﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱ
15:15
ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘ
15:16
۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون.
ﭙﭚﭛﭜﭝﭞ
15:17
۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون.
ﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦ
15:18
پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي.
ﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
15:19
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻ
15:20
۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇ
15:21
۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.
ﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔ
15:22
۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو.
ﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛ
15:23
۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون.
ﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣ
15:24
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون.
ﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
15:25
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖ
15:26
۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو.
ﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞ
15:27
۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون.
ﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫ
15:28
۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان.
ﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵ
15:29
پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.
ﯶﯷﯸﯹﯺ
15:30
پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.
ﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂ
15:31
سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙ
15:32
(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.
ﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥ
15:33
(ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي.
ﭦﭧﭨﭩﭪﭫ
15:34
(الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين.
ﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
15:35
۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
15:36
(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي.
ﭺﭻﭼﭽﭾ
15:37
(الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين.
ﭿﮀﮁﮂﮃ
15:38
ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين.
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎ
15:39
(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس.
ﮏﮐﮑﮒﮓ
15:40
سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن.
ﮔﮕﮖﮗﮘﮙ
15:41
(الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥ
15:42
گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي.
ﮦﮧﮨﮩﮪ
15:43
۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي.
ﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔ
15:44
اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.
ﯕﯖﯗﯘﯙﯚ
15:45
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
ﯛﯜﯝﯞ
15:46
(کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو.
ﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
15:47
۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا.
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲ
15:48
اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا.
ﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺ
15:49
(اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان.
ﯻﯼﯽﯾﯿﰀ
15:50
۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
ﰁﰂﰃﰄﰅ
15:51
۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚ
15:52
جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون.
ﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
15:53
چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.
ﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫ
15:54
(ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟
ﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳ
15:55
چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ.
ﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼ
15:56
(ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟
ﭽﭾﭿﮀﮁﮂ
15:57
(وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي.
ﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
15:58
چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
15:59
مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون.
ﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗ
15:60
سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي.
ﮘﮙﮚﮛﮜﮝ
15:61
پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا.
ﮞﮟﮠﮡﮢ
15:62
(تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو.
ﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪ
15:63
چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا.
ﮫﮬﮭﮮﮯ
15:64
۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون.
ﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
15:65
پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
15:66
۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي.
ﯪﯫﯬﯭﯮ
15:67
۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا.
ﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵ
15:68
(لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو.
ﯶﯷﯸﯹﯺ
15:69
۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم.
ﯻﯼﯽﯾﯿﰀ
15:70
چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
15:71
(لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن.
ﭘﭙﭚﭛﭜﭝ
15:72
(اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا.
ﭞﭟﭠﭡ
15:73
پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن.
ﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪ
15:74
۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون.
ﭫﭬﭭﭮﭯﭰ
15:75
بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن.
ﭱﭲﭳﭴ
15:76
۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
15:77
بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀ
15:78
۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا.
ﮁﮂﮃﮄﮅﮆ
15:79
پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا.
ﮇﮈﮉﮊﮋﮌ
15:80
۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.
ﮍﮎﮏﮐﮑﮒ
15:81
۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا.
ﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙ
15:82
۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا.
ﮚﮛﮜﮝ
15:83
پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو.
ﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤ
15:84
پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو.
ﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖ
15:85
۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.
ﯗﯘﯙﯚﯛﯜ
15:86
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.
ﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤ
15:87
۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون.
ﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴ
15:88
اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر.
ﯵﯶﯷﯸﯹﯺ
15:89
۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
ﯻﯼﯽﯾﯿ
15:90
جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
15:91
جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو.
ﭖﭗﭘﭙ
15:92
(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون.
ﭚﭛﭜﭝ
15:93
جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت.
ﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤ
15:94
جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.
ﭥﭦﭧﭨ
15:95
اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي.
ﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
15:96
جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
15:97
۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁ
15:98
۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج.
ﮂﮃﮄﮅﮆﮇ
15:99
۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي.
قرآن ڪريم
Tuesday, August 18, 2026
Don't forget us in your sincere prayers







