PDF —
62 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو نجم pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو نجم pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو نجم ترجمو. نجم (Meccan) 62 آيت.



62 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓﭔ
53:1 ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
ﭕﭖﭗﭘﭙﭚ
53:2 ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
ﭛﭜﭝﭞﭟ
53:3 ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
ﭠﭡﭢﭣﭤﭥ
53:4 ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
ﭦﭧﭨﭩ
53:5 اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
ﭪﭫﭬﭭ
53:6 جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
ﭮﭯﭰﭱ
53:7 ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
ﭲﭳﭴﭵ
53:8 وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
ﭶﭷﭸﭹﭺﭻ
53:9 پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁ
53:10 پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
ﮂﮃﮄﮅﮆﮇ
53:11 جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
ﮈﮉﮊﮋﮌ
53:12 جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
ﮍﮎﮏﮐﮑ
53:13 ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
ﮒﮓﮔﮕ
53:14 سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
ﮖﮗﮘﮙ
53:15 اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟ
53:16 جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
ﮠﮡﮢﮣﮤﮥ
53:17 (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
ﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
53:18 بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
ﮭﮮﮯﮰ
53:19 لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
ﮱﯓﯔﯕ
53:20 ۽ پوئين ٽين منات کي به؟
ﯖﯗﯘﯙﯚ
53:21 ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
ﯛﯜﯝﯞﯟ
53:22 اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻ
53:23 اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
ﯼﯽﯾﯿﰀ
53:24 ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
ﰁﰂﰃﰄ
53:25 پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
ﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌﰍﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔﰕﰖﰗﰘ
53:26 ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚ
53:27 بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
ﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
53:28 ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
ﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
53:29 پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋ
53:30 اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
ﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜ
53:31 ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
ﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
53:32 جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
ﯢﯣﯤﯥ
53:33 (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.
ﯦﯧﯨﯩ
53:34 ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
53:35 وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷ
53:36 اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.
ﯸﯹﯺﯻ
53:37 ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.
ﯼﯽﯾﯿﰀﰁ
53:38 (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.
ﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈ
53:39 ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.
ﰉﰊﰋﰌﰍ
53:40 ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.
ﰎﰏﰐﰑﰒ
53:41 وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.
ﰓﰔﰕﰖﰗ
53:42 ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.
ﰘﰙﰚﰛﰜ
53:43 ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.
ﰝﰞﰟﰠﰡ
53:44 ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖ
53:45 ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.
ﭗﭘﭙﭚﭛ
53:46 منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.
ﭜﭝﭞﭟﭠ
53:47 ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.
ﭡﭢﭣﭤﭥ
53:48 ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.
ﭦﭧﭨﭩﭪ
53:49 ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.
ﭫﭬﭭﭮﭯ
53:50 ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.
ﭰﭱﭲﭳ
53:51 ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.
ﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾ
53:52 ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.
ﭿﮀﮁ
53:53 ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.
ﮂﮃﮄﮅ
53:54 پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.
ﮆﮇﮈﮉﮊ
53:55 پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.
ﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
53:56 ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.
ﮑﮒﮓ
53:57 ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.
ﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚ
53:58 اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.
ﮛﮜﮝﮞﮟ
53:59 ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
ﮠﮡﮢﮣ
53:60 ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.
ﮤﮥﮦ
53:61 ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.
ﮧﮨﮩﮪﮫ
53:62 پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers