PDF —
96 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سوره واقعہ pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سوره واقعہ pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره واقعہ ترجمو. سوره واقعہ (Meccan) 96 آيت.

→ رحمنسوره واقعہ حدید ←


96 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮃﮄﮅﮆ
56:1 جڏھن قيامت ايندي.
ﮇﮈﮉﮊ
56:2 جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.
ﮋﮌﮍ
56:3 ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.
ﮎﮏﮐﮑﮒ
56:4 جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.
ﮓﮔﮕﮖ
56:5 ۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.
ﮗﮘﮙﮚ
56:6 پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.
ﮛﮜﮝﮞ
56:7 ۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.
ﮟﮠﮡﮢﮣﮤ
56:8 پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.
ﮥﮦﮧﮨﮩﮪ
56:9 ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
ﮫﮬﮭ
56:10 ۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.
ﮮﮯﮰ
56:11 اھي (ئي) مقرب آھن.
ﮱﯓﯔﯕ
56:12 نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
ﯖﯗﯘﯙ
56:13 گھڻا پھرين مان.
ﯚﯛﯜﯝ
56:14 ۽ ٿورا پوين مان.
ﯞﯟﯠﯡ
56:15 (سون سان) اُڻيل تخت تي.
ﯢﯣﯤﯥ
56:16 ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
56:17 ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.
ﭖﭗﭘﭙﭚﭛ
56:18 آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).
ﭜﭝﭞﭟﭠﭡ
56:19 (اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.
ﭢﭣﭤﭥ
56:20 ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
ﭦﭧﭨﭩﭪ
56:21 ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
ﭫﭬﭭ
56:22 ۽ وڏين اکين وارون حورون.
ﭮﭯﭰﭱ
56:23 (ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.
ﭲﭳﭴﭵﭶ
56:24 جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.
ﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽ
56:25 اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.
ﭾﭿﮀﮁﮂ
56:26 پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.
ﮃﮄﮅﮆﮇﮈ
56:27 ۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.
ﮉﮊﮋﮌ
56:28 لاسڙين ٻيرين ۾.
ﮍﮎﮏ
56:29 ۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.
ﮐﮑﮒ
56:30 ۽ ڊگھن پاڇن ۾.
ﮓﮔﮕ
56:31 ۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.
ﮖﮗﮘ
56:32 ۽ گھڻن ميون ۾.
ﮙﮚﮛﮜﮝ
56:33 نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.
ﮞﮟﮠ
56:34 ۽ اُچا وڇاڻا.
ﮡﮢﮣﮤ
56:35 بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.
ﮥﮦﮧ
56:36 پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.
ﮨﮩﮪ
56:37 مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.
ﮫﮬﮭ
56:38 سڄي پاسي وارن لاءِ.
ﮮﮯﮰﮱ
56:39 گھڻي جماعت پھرين مان آھي.
ﯓﯔﯕﯖ
56:40 ۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.
ﯗﯘﯙﯚﯛﯜ
56:41 ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.
ﯝﯞﯟﯠ
56:42 ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.
ﯡﯢﯣﯤ
56:43 ۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.
ﯥﯦﯧﯨﯩ
56:44 جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
56:45 بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵ
56:46 ۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.
ﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿ
56:47 ۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
ﰀﰁﰂ
56:48 يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.
ﰃﰄﰅﰆﰇ
56:49 (اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.
ﰈﰉﰊﰋﰌﰍ
56:50 ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖ
56:51 وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.
ﭗﭘﭙﭚﭛﭜ
56:52 ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.
ﭝﭞﭟﭠ
56:53 پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.
ﭡﭢﭣﭤﭥ
56:54 پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.
ﭦﭧﭨﭩ
56:55 پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.
ﭪﭫﭬﭭﭮ
56:56 قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.
ﭯﭰﭱﭲﭳ
56:57 اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.
ﭴﭵﭶﭷ
56:58 ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.
ﭸﭹﭺﭻﭼﭽ
56:59 تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
ﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅ
56:60 اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.
ﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏ
56:61 ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.
ﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖ
56:62 ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
ﮗﮘﮙﮚ
56:63 ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.
ﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
56:64 سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧ
56:65 جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.
ﮨﮩﮪ
56:66 (۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.
ﮫﮬﮭﮮ
56:67 بلڪ اسين بي نصيب آھيون.
ﮯﮰﮱﯓﯔ
56:68 ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.
ﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜ
56:69 اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
ﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣ
56:70 جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
ﯤﯥﯦﯧﯨ
56:71 ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.
ﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
56:72 تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵ
56:73 اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.
ﯶﯷﯸﯹﯺ
56:74 تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.
ﯻﯼﯽﯾﯿﰀ
56:75 پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.
ﰁﰂﰃﰄﰅﰆ
56:76 ۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.
ﭑﭒﭓﭔ
56:77 بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.
ﭕﭖﭗﭘ
56:78 لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.
ﭙﭚﭛﭜﭝ
56:79 پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.
ﭞﭟﭠﭡﭢ
56:80 جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.
ﭣﭤﭥﭦﭧ
56:81 پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.
ﭨﭩﭪﭫﭬ
56:82 ۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.
ﭭﭮﭯﭰﭱ
56:83 پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.
ﭲﭳﭴﭵ
56:84 ۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.
ﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽ
56:85 ۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.
ﭾﭿﮀﮁﮂﮃ
56:86 پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.
ﮄﮅﮆﮇﮈ
56:87 ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.
ﮉﮊﮋﮌﮍﮎ
56:88 پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.
ﮏﮐﮑﮒﮓ
56:89 ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.
ﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚ
56:90 ۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.
ﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
56:91 ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧ
56:92 پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.
ﮨﮩﮪﮫ
56:93 ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.
ﮬﮭﮮ
56:94 ۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.
ﮯﮰﮱﯓﯔﯕ
56:95 بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.
ﯖﯗﯘﯙﯚ
56:96 تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.

قرآن ڪريم


Wednesday, September 9, 2026

Don't forget us in your sincere prayers