PDF —
111 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو اسراء pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو اسراء pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو اسراء ترجمو. اسراء (Meccan) 111 آيت.



111 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧ
17:1 اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
ﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴ
17:2 ۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿ
17:3 اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.
ﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍ
17:4 ۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.
ﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
17:5 پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
17:6 وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان کي لشڪر ڪري گھڻا ڪنداسون.
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧ
17:7 جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ته (اُھا چڱائي) پاڻ لاءِ ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو ته ٻيا اوھان جا منھن ارھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح ان ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھوا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اجاڙيندا.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞ
17:8 (چيو ويو ته) اوھان جو پالڻھار ويجھو ئي اوھان تي ٻاجھ ڪندو، ۽ جيڪڏھن اوھين (وري) ڦرندؤ ته اسين به (سزا ڏيڻ ڏانھن) ڦرنداسون، ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي بندي خانه مقرر ڪيوسون.
ﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯ
17:9 ھيءُ قرآن انھي (واٽ) ڏانھن رستو ڏيکاريندو آھي جيڪا ڏاڍي سِڌي آھي ۽ انھن مؤمنن کي خوشخبري ڏيندو آھي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن انھن لاءِ وڏو اجر آھي.
ﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
17:10 ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿون.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃ
17:11 ۽ ماڻھو مدائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو چڱائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي.
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝ
17:12 ۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون.
ﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
17:13 ۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ڪتاب انھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو ان کي کليل ڏسندؤ.
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕ
17:14 (چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي.
ﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮ
17:15 جنھن ھدايت لڌي تنھن پاڻ لاءِ ئي ھدايت لڌي، ۽ جيڪو ڀُلو سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي موڪليون.
ﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽ
17:16 ۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون.
ﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌ
17:17 ۽ ڪيترائي جڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣ
17:18 جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي ان ھنڌ اھائي جلد ڏيندا آھيون جيڪي گھرندا آھيون سو جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو.
ﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰ
17:19 ۽ جنھن آخرت گھري ۽ ان لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (به) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي.
ﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾ
17:20 ھن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان مدد ڪريون ٿا، ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڏات ڪا اٽڪيل نه آھي.
ﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋ
17:21 ڏس ته انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان (دنيا ۾ رزق ۽ مرتبه ۾) ڪئن ڀلو ڪيو اٿون، ۽ آخرت ته درجن ڪري بلڪل وڏي ۽ مانَ ڏيڻ ڪري بلڪل وڌيڪ آھي.
ﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕ
17:22 (اي ماڻھو تون) الله سان ٻيو ڪو معبود مقرّر نه ڪر نه ته گِلارو (۽) خوار ٿي وھندين.
ﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱ
17:23 ۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھين مان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئج ۽ نڪي کين جھڻڪج ۽ ساڻن چڱي ڳالھ (ادب واري) ڳالھائج.
ﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
17:24 ۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج ته اي منھنجا پالڻھار اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭ
17:25 جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو اوھان جو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪڏھن اوھين سڌريل ھوندؤ (ته بخشيندو) ڇوته الله توبه ڪندڙن کي بخشڻھار آھي.
ﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸ
17:26 ۽ مائٽي وارا ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نه وڃاءِ.
ﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃ
17:27 ڇوته اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝ
17:28 ۽ جيڪڏھن تون (رزق جي اڻھوند ڪري) انھن کان منھن موڙين جنھن رزق جي ملڻ جي پنھنجي پالڻھار کان اميد رکين ٿو ته (کين جھڻڪي نه موٽاءِ ۽) ساڻن مٺي ڳالھ ڳالھاءِ.
ﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫ
17:29 ۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ نه ته ملامتي ۽ عاجز ٿي ويھي رھندين.
ﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
17:30 تنھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ به ڪندو آھي، تحقيق اھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
17:31 ۽ پنھنجن ٻارن کي سُڃائيءَ جي ڊپ کان نه ڪُھو، اسين کين ۽ (خود) اوھان کي روزي ڏيندا آھيون، بيشڪ انھن کي ڪُھڻ وڏو ڏوھ آھي.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓ
17:32 ۽ زنا کي ويجھا نه وڃو ڇوته اھا بي حيائي آھي، ۽ اِھا واٽ بُڇڙي آھي.
ﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
17:33 ۽ اھڙي جيءَ کي نه ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته اھو مدد ڏنل ٿيو آھي.
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
17:34 ۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي نيت کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
ﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮ
17:35 ۽ جڏھن ماڻ ڀريو تڏھن پورو ڀريو ۽ سنئين ترازيءَ سان توريو، اھا (پوري ماپ ۽ تور) ڀلي ۽ عاقبت جي ڪري بلڪل چڱي آھي.
ﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀ
17:36 ۽ (اي ٻانھا) جنھن شيء جي توکي ڪا سُڌ نه آھي اُن جي پويان نه لڳ، ڇوته ڪَن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني (عضون) کان ان بابت بلڪل پڇا ٿيندي.
ﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌﰍﰎﰏ
17:37 ۽ زمين ۾ تون آڪڙ ڪري نه گُھم، ڇوته تون نڪي زمين کي چيري سگھندين ۽ نڪي ڊيگھ ۾ جبل (جي چوٽي) کي پھچين سگھندين.
ﰐﰑﰒﰓﰔﰕﰖﰗ
17:38 اُنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤ
17:39 اھي حُڪم انھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت مان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبه معبُود مُقرّر نه ڪر نه ته تون ملامتي (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين.
ﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱ
17:40 (اي مشرڪؤ) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو.
ﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼ
17:41 ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون ته نصيحت وٺن، ۽ اھو انھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪي) ڪين ٿو وڌائي.
ﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊ
17:42 (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح ھوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا ته اھي انھي دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا.
ﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑ
17:43 اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان وڏو (۽) مٿاھون آھي.
ﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩ
17:44 ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھي سي ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (به) شيء سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪرڻ کانسواءِ نه آھي پر (اوھين) سندس تسبيح نه سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.
ﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗ
17:45 ۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون.
ﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬ
17:46 ۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن.
ﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀ
17:47 (اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون.
ﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊ
17:48 ڏس ته تولاءِ ڪھڙا مٿال ڏيندا آھن پوءِ گمراھ ٿيا تنھنڪري سڌي واٽ لھي نه سگھندا آھن.
ﰋﰌﰍﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔ
17:49 ۽ چوندا آھن ته جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) اسين وري نوان بڻجي اٿنداسين ڇا؟
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
17:50 چؤ ته پھڻ ٿيو يا لوھ ٿيو.
ﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵ
17:51 يا پنھنجين دلين ۾ جيڪا (ٻي) وڏي خلق ڀائيندا آھيو (سا ٿيو ته به اٿندؤ)، پوءِ سگھوئي چوندا ته ڪير اسان کي وري جياريندو؟ چؤ ته جنھن اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو (سو جياريندو)، پوءِ توڏانھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اھو ڪڏھن ٿيندو؟ چؤ ته اميد آھي ته سگھو ٿيڻو آھي.
ﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿ
17:52 جنھن ڏينھن الله اوھان کي سڏيندو (تنھن ڏينھن) اوھين سندس ساراہ ڪندي ورندي ڏيندؤ ۽ ڀائيندؤ ته ٿوروئي وقت رھيا آھيون.
ﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒ
17:53 ۽ (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي چؤ ته (ڪافرن سان) بلڪل چڱي (ڳالھ) چوندا رھن، ڇوته شيطان سندن وچ ۾ جھيڙو وجھندو آھي، ڇوته شيطان ماڻھو جو پڌرو ويري آھي.
ﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣ
17:54 اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان توکي مٿن وڪيل ڪري نه موڪليو آھي.
ﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖ
17:55 ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.
ﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤ
17:56 (اي پيغمبر) چؤ ته الله کانسواءِ ٻـين جن کي (الله جھڙو) ڀائيندا آھيو تن کي سڏيو پوءِ (اھي) اوھان کان نڪي ڪنھن اھنج لاھڻ جو ۽ نڪي ڦيرائڻ جو اختيار رکندا آھن.
ﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸ
17:57 ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن ته انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇوته تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شيء آھي.
ﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌ
17:58 ۽ ڪوبه ڳوٺ نه آھي مگر (جنھن جي رھڻ وارن) کي (سندن بڇڙن ڪرتوتن سبب) قيامت جي ڏينھن کان اڳ اسين ناس ڪرڻ وارا آھيون يا ان کي سخت عذاب ڏيندڙ آھيون، اِھو حُڪم ڪتاب ۾ لکيل آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨ
17:59 ۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.
ﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄ
17:60 ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل توکي چيوسون ته تنھنجي پالڻھار ماڻھن کي (پنھنجي قدرت سان) لپيٽيو آھي، ۽ اسان جيڪو توکي نظارو ڏيکاريوسون جو لعنت ڪيل وڻ قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آھي سو ماڻھن جي پرک کانسواءِ نه آھي، ۽ اسين جو کين ڊيڄاريندا آھيون سو انھن بابت وڏي شرارت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.
ﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒ
17:61 ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، (ابليس) چيو ته جنھن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيئي تنھن کي ڇو سجدو ڪريان؟
ﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
17:62 (وري ابليس) چيو ته ڏس ھي شخص جنھن کي تو مون تي شرف ڏنو، جيڪڏھن مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏيندين ته ٿورڙن کان سواءِ سندس (ٻئي) اولاد کي پاڙئون پٽيندس.
ﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
17:63 (الله) چيو ته وڃ پوءِ منجھانئن جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن اوھان سڀني جي سزا دوزخ آھي (۽ اھا) بلڪل پوري سزا آھي.
ﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣ
17:64 ۽ منجھانئن جنھن کي (ڀُلائي) سگھين تنھن کي پنھنجي سڏ سان ڀُلاءِ ۽ پنھنجن پيادن ۽ سوارن سان مٿن چڙھائي ڪر ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ کين انجام ڏي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ کين ڪو دلاسو نه ڏيندو آھي.
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮ
17:65 بيشڪ منھنجن ٻانھن تي توکي ڪا سگھ نه آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار نگھبان بس آھي.
ﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾ
17:66 اوھان جو پالڻھار اھو آھي جيڪو دريائن ۾ ٻيڙيون ھن لاءِ ھلائيندو آھي ته سندس فضل ڳوليو، ڇوته اُھو اوھان تي ٻاجھارو آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥ
17:67 ۽ جڏھن اوھان کي درياءَ ۾ ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن خاص ان (الله) کانسواءِ ٻـين جن کي اوھين سڏيندا آھيو سي وسري ويندا آھن، پوءِ جنھن مھل اوھان کي سُڪي ڏي بچائيندو آھي (تنھن مھل) مُنھن موڙيندا آھيو، ۽ ماڻھو ڏاڍو بي شڪر آھي.
ﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵ
17:68 (اوھين) پاڻ کي سڪيءَ ۾ گھائڻ کان يا پاڻ تي (پھڻن جي) آنڌي اچڻ کان بي ڀوا ٿيا آھيو ڇا؟ وري اوھين پاڻ لاءِ ڪو واھرو نه لھندؤ.
ﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌ
17:69 يا ٻئي ڀيري ان (درياء) ۾ موٽائڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھيو ڇا؟ پوءِ اوھان تي واءُ جو طوفان موڪلي پوءِ اوھان کي اوھان جي انڪار سببان ٻوڙي وري انھي (ٻوڙڻ جي) ڪري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو پيڇي ڪرڻ وارو نه لھندؤ.
ﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟ
17:70 ۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين پَٽن ۽ دريائن ۾ کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏنيسون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زيادہ مانَ وارو ڪيوسون.
ﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰ
17:71 ھر ڪنھن ٽوليءَ کي سندن اڳواڻ سان سڏينداسون، پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس ساڄي ھٿ ۾ ڏنو ويندو سي پنھنجو اعمالنامو پڙھندا ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.
ﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝ
17:72 ۽ جيڪو ھن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ (به) انڌو (ھوندو) ۽ واٽ کان بِنھ ڀُليل رھندو.
ﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬ
17:73 ۽ جيڪي توڏانھن (پنھنجن حُڪمن جو) وحيُ ڪيوسون تنھن کانسواءِ توکي ھن لاءِ دوکي ۾ وجھڻ لڳا ھوا ته تون ان کانسواءِ ٻيو ڪو اسان تي ٺاھ ٺاھين، ۽ انھيءَ مھل توکي دوست بڻائين.
ﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶ
17:74 ۽ جيڪڏھن اسين توکي (پنھنجي ڳالھ تي) پختو نه رکون ھا ته ويجھو ھو جو بيشڪ اُنھن ڏانھن ڪي ٿوروئي لڙي پون ھا.
ﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃ
17:75 ۽ اتي جو اتي حياتي جو ٻيڻو عذاب ۽ موت جو (به) ٻيڻو عذاب توکي چکايون ھا وري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو واھرو نه لھين ھا.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟ
17:76 ۽ (اي پيغمبر مڪي جي) زمين ۾ سگھو ئي توکي ھن لاءِ بيقرار ڪندا ته ان مان توکي لڏائين ۽ انھيءَ مھل توکان پوءِ (پاڻ به) ٿورو وقت رھندا.
ﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬ
17:77 توکان اڳ جيڪي پنھنجا پيغمبر موڪلياسون تن جو دستور موافق (جو سندن قوم کين لڏايو ته ناس ڪيو وين) ۽ اسان جي دستور کي ڪا ڦيرڦار نه لھندين.
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼ
17:78 سج لڙئي کان وٺي رات جي اونداھيءَ تائين نماز پڙھ ۽ فجر جو قرآن پرھ، بيشڪ فجر جو قرآن پڙھڻ مھل ملائڪ حاضر ٿين ٿا.
ﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
17:79 ۽ ڪجھ رات جو (قرآن) سان تھجّد پرھ جو (اھا) تولاءِ زيادہ عبادت آھي، تنھنجو پالڻھار توکي سگھوئي ساراھيل جاءِ ۾ اُٿاريندو.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘ
17:80 ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي (مديني ۾) سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ (مڪي مان) مون کي سچائيءَ سان ٻاھر ڪڍ ۽ پاڻ وٽان مون لاءِ ڏاڍي سگھ مدد ڏيندڙ ڪر.
ﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣ
17:81 ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته سچ آيو ۽ ڪوڙ ڀڳو، بيشڪ ڪوڙ ڀڄندڙ آھي.
ﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱ
17:82 ۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ ٻاجھ آھي ۽ ظالمن بابت نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.
ﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
17:83 ۽ جڏھن انسان تي ڪا نعمت نازل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن موڙيندو آھي ۽ کانئس پاسيرو ٿيندو آھي، ۽ جڏھن کيس مدائي پھچندي آھي ته نا اميد ٿيندو آھي.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫ
17:84 (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو پنھنجي ڊول تي ڪم ڪندو آھي، پوءِ جيڪو ڏاڍيءَ سڌيءَ واٽ تي آھي تنھن کي تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي.
ﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻ
17:85 ۽ (اي پيغمبر) توکان رُوح بابت پُڇن ٿا، چؤ ته رُوح منھنجي پالڻھار جي امر مان آھي ۽ اوھان کي ڪي ٿورڙي علم کانسواءِ نه ڏنو ويو آھي.
ﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉ
17:86 ۽ جيڪو (قرآن) توڌانھن وحي ڪيوسون سو جيڪڏھن گھرون ته ورائي وٺون ته پوءِ تون پاڻ لاءِ اسان تي ڪو ڀرجھلو نه لھندين.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛ
17:87 پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ (ان ورائي وٺڻ کي جھلي رکيو) آھي، ڇوته سندس فضل توتي وڏو آھي.
ﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯ
17:88 (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ماڻھو ۽ جِنّ ھن قرآن جھڙي (ٻئي ڪنھن ڪتاب) آڻڻ لاءِ گڏ ٿين ته جھڙس ڪڏھن نه آڻي سگھندا جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي کي مدد ڏين.
ﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾ
17:89 ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪيو اٿئون، پر گھڻا ماڻھو بي شڪر ٿي انڪار ڪندا آھن.
ﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
17:90 ۽ چوندا آھن ته اسين توکي (ايستائين) ھرگز نه مڃينداسون جيستائين زمين ۽ اسان لاءِ ڪو چشمو وھائين.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕ
17:91 يا کجين ۽ ڊاکن مان تولاءِ باغ ٿئي پوءِ سندس وچ ۾ تون وھندڙ واھيون وھائين.
ﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
17:92 يا جھڙي طرح تو ڀانيو تھڙي طرح اسان تي آسمان ٽُڪر ٽُڪر ڪيرائين يا تون الله ۽ ملائڪن کي سامھون آڻين.
ﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
17:93 يا توکي ڪو سونون گھر ھُجي يا آسمان تي چڙھين، ۽ تنھنجي چڙھڻ کي (ايستائين) ڪڏھن نه مڃينداسون جيستائين اسان تي (اھڙو لکيل) ڪتاب لاھين جنھن کي پڙھون، چؤ ته منھنجو پالڻھار پاڪ آھي آءٌ رڳو پيغام پھچائڻ وارو ماڻھو آھيان.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
17:94 ۽ جڏھن ماڻھن وٽ ھدايت آئي (تڏھن) کين ايمان آڻڻ کان ھن ڏاران ڪنھن نه جھليو آھي جو چوندا آھن ته الله پيغمبرن کي ڇو ماڻھو ڪري موڪليو.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾ
17:95 (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ملائڪ (اوھان جان) زمين ۾ ٽڪندڙ ٿي گھمن ڦرن ھا ته اسين مٿن ضرور آسمان مان ملائڪ پيغمبر ڪري موڪليون ھا.
ﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋ
17:96 (اي پيغمبر) چ‍ؤ ته الله اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، بيشڪ اھو پنھنجي ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰ
17:97 ۽ جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جيڪي گمراھ ٿيا تن لاءِ تون الله کانسواءِ ڪوئي دوست نه لھندين، ۽ کين قيامت جي ڏينھن سندن مُنھن ڀر انڌا ۽ گنگا ۽ ٻوڙا ڪري گڏ ڪنداسون، سندن جاءِ دوزخ آھي، جنھن مھل ڍرو ٿيندو تنھن مھل انھن لاءِ دوزخ کي وڌيڪ تپائينداسون.
ﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿ
17:98 اھا سندن سزا ھن سببان آھي جو اسانجي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ چيائون ته جڏھن اسين ھڏا ۽ چُورو ٿينداسون (تڏھن) وري نئين سر پيدا ٿي اٿاريا وينداسون ڇا؟
ﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘ
17:99 نه ڏسندا آھن ڇا ته جنھن الله آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو سندن اھڙي بڻائڻ تي وس وارو آھي ۽ انھن لاءِ اھا مُدّت مقرر ڪيائين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، پوءِ ظالم انڪار کانسواءِ ڪي قبول نه ڪندا آھن.
ﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨ
17:100 (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين منھنجي پالڻھار جي خزانن جا مالڪ ھجو ھا ته انھيءَ مھل (سڀ) خرچ ٿي وڃڻ جي ڀَو کان اوھين ضرور بند رکو ھا، ۽ ماڻھو پڪو پيچ آھي.
ﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝ
17:101 ۽ بيشڪ مُوسىؑ کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيوسون پوءِ بني اسرائيلن کان پُڇ ته جڏھن (اھو) وٽن آيو تڏھن کيس فرعون چيو ته اي مُوسىؑ بيشڪ آءٌ توکي يقيناً جادو ٿيل ڀائيندو آھيان.
ﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭ
17:102 (مُوسىؑ) چيو ته بيشڪ تو ڄاتو آھي ته اھي (نشانيون) آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) نه نازل ڪيون آھن (اوھان جي) سمجھائڻ لاءِ (ته ڏسي مون مڃيو)، ۽ اي فرعون آءٌ توکي (انھن جي انڪار سببان) ھلاڪ ٿيل ڀائيندو آھيان.
ﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷ
17:103 پوءِ فرعون ملڪ مان سندن لوڌڻ جو ارادو ڪيو پوءِ فرعون ۽ سندس ساري سنگت کي ٻوڙيوسون.
ﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆ
17:104 ۽ کانئس پوءِ بني اسرائيلن کي چيوسون ته مُلڪ ۾ ٽڪو پوءِ جڏھن آخرت جو وعدو آيو (تڏھن) اوھان کي لپيٽي وٺنداسون.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛ
17:105 ۽ ان (قرآن) کي اسان سچ سان نازل ڪيو آھي ۽ اھو سچ سان نازل ٿيو آھي، ۽ توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ کانسواءِ نه موڪليوسون.
ﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥ
17:106 ۽ ان قرآن کي جُدا جُدا (سُورتون ۽ آيتون) ھن لاءِ ڪيوسون ته اھو ماڻھن کي آھسته آھسته پڙھي ٻڌائين ۽ ان کي آھسته آھسته ڪري لاٿوسون.
ﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
17:107 (اي پيغمبر) چؤ ته اوھين ان قرآن کي مڃو توڙي نه مڃو، بيشڪ جن کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو آھي تن وٽ جڏھن (قرآن) پڙھبو آھي (تڏھن) سجدو ڪندڙ ٿي کاڏين ڀر ڪِرندا آھن.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂ
17:108 ۽ چوندا آھن ته اسان جو پالڻھار پاڪ آھي بيشڪ اسان جي پالڻھار جو انجام ضرور (پورو) ٿيڻو آھي.
ﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
17:109 ۽ روئيندا کاڏين ڀر ڪِرندا آھن ۽ (قرآن) منجھن عاجزي وڌائيندو آھي.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
17:110 (اي پيغمبر) چؤ ته (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو انھي جا (سڀ) نالا چڱا آھن، ۽ پنھنجي نماز ۾ نڪي تمام ڏاڍيان پڙھ ۽ نڪي تمام ھوريان پڙھ ان جي وچ واري واٽ اختيار ڪر.
ﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚ
17:111 ۽ چؤ ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نه ورتو آھي ۽ نڪي سندس مُلڪ ۾ ڪو ڀائيوار آھي ۽ نڪي ڪنھن ھيڻائي سببان ان جو ڪو مددگار آھي ۽ ھن جي گھڻي قدر وڏائي بيان ڪر.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers