La sourate Ad-Dukhaan en Sindhi
حم(1) حٰمٓ. |
(ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي. |
إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةٍ مُّبَارَكَةٍ ۚ إِنَّا كُنَّا مُنذِرِينَ(3) ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون. |
اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي. |
(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون. |
رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ ۚ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ(6) تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
رَبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۖ إِن كُنتُم مُّوقِنِينَ(7) (جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو). |
لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْيِي وَيُمِيتُ ۖ رَبُّكُمْ وَرَبُّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ(8) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي. |
بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن. |
فَارْتَقِبْ يَوْمَ تَأْتِي السَّمَاءُ بِدُخَانٍ مُّبِينٍ(10) پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ. |
جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
(پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا. |
أَنَّىٰ لَهُمُ الذِّكْرَىٰ وَقَدْ جَاءَهُمْ رَسُولٌ مُّبِينٌ(13) کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو. |
وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي. |
إِنَّا كَاشِفُو الْعَذَابِ قَلِيلًا ۚ إِنَّكُمْ عَائِدُونَ(15) بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو. |
يَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرَىٰ إِنَّا مُنتَقِمُونَ(16) جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون. |
۞ وَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاءَهُمْ رَسُولٌ كَرِيمٌ(17) ۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو. |
أَنْ أَدُّوا إِلَيَّ عِبَادَ اللَّهِ ۖ إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ(18) ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان. |
وَأَن لَّا تَعْلُوا عَلَى اللَّهِ ۖ إِنِّي آتِيكُم بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ(19) ۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس. |
۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو. |
۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو. |
پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن. |
پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا. |
وَاتْرُكِ الْبَحْرَ رَهْوًا ۖ إِنَّهُمْ جُندٌ مُّغْرَقُونَ(24) ۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن. |
باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون. |
۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به). |
۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا. |
اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون. |
فَمَا بَكَتْ عَلَيْهِمُ السَّمَاءُ وَالْأَرْضُ وَمَا كَانُوا مُنظَرِينَ(29) پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي. |
وَلَقَدْ نَجَّيْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ مِنَ الْعَذَابِ الْمُهِينِ(30) ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون. |
مِن فِرْعَوْنَ ۚ إِنَّهُ كَانَ عَالِيًا مِّنَ الْمُسْرِفِينَ(31) جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو. |
وَلَقَدِ اخْتَرْنَاهُمْ عَلَىٰ عِلْمٍ عَلَى الْعَالَمِينَ(32) ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون. |
وَآتَيْنَاهُم مِّنَ الْآيَاتِ مَا فِيهِ بَلَاءٌ مُّبِينٌ(33) ۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي. |
بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن. |
إِنْ هِيَ إِلَّا مَوْتَتُنَا الْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُنشَرِينَ(35) ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون. |
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو. |
اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا. |
وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَاعِبِينَ(38) ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون. |
مَا خَلَقْنَاهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ(39) انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي. |
يَوْمَ لَا يُغْنِي مَوْلًى عَن مَّوْلًى شَيْئًا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ(41) جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي. |
إِلَّا مَن رَّحِمَ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ هُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ(42) سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي. |
بيشڪ ٿوھر جو وڻ. |
گنھگار جو کاڄ آھي. |
پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو. |
تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر. |
(ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس. |
وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس). |
(چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين. |
بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو. |
بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا. |
باغن ۽ تلاون ۾. |
سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا. |
(سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون. |
منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا. |
لَا يَذُوقُونَ فِيهَا الْمَوْتَ إِلَّا الْمَوْتَةَ الْأُولَىٰ ۖ وَوَقَاهُمْ عَذَابَ الْجَحِيمِ(56) پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. |
فَضْلًا مِّن رَّبِّكَ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ(57) تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
فَإِنَّمَا يَسَّرْنَاهُ بِلِسَانِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ(58) قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن. |
پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Ad-Dukhaan : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Ad-Dukhaan complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide