La sourate Al-Haqqah en Sindhi
الْحَاقَّةُ(1) قيامت. |
ڇا آھي (اھا) قيامت. |
۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟ |
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو. |
پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا. |
۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا. |
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن. |
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ |
وَجَاءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُ وَالْمُؤْتَفِكَاتُ بِالْخَاطِئَةِ(9) ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا. |
فَعَصَوْا رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً(10) ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو. |
إِنَّا لَمَّا طَغَى الْمَاءُ حَمَلْنَاكُمْ فِي الْجَارِيَةِ(11) بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. |
لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَا أُذُنٌ وَاعِيَةٌ(12) ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي. |
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي. |
وَحُمِلَتِ الْأَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَاحِدَةً(14) ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو. |
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي. |
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو. |
وَالْمَلَكُ عَلَىٰ أَرْجَائِهَا ۚ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَانِيَةٌ(17) ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا. |
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي. |
فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ فَيَقُولُ هَاؤُمُ اقْرَءُوا كِتَابِيَهْ(19) پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو. |
بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس. |
اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو. |
مٿاھين بھشت ۾. |
جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا. |
كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا أَسْلَفْتُمْ فِي الْأَيَّامِ الْخَالِيَةِ(24) (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ. |
وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِشِمَالِهِ فَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُوتَ كِتَابِيَهْ(25) ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا. |
نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟ |
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا. |
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو. |
مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي. |
(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس. |
وري دوزخ ۾ وجھوس. |
ثُمَّ فِي سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوهُ(32) وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي. |
ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو. |
۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو. |
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي. |
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي. |
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو. |
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو. |
۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به). |
ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي. |
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا. |
۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا. |
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي. |
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا. |
ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا. |
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا. |
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي. |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي. |
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن. |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي. |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي. |
تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Haqqah : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Haqqah complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide