Hakka suresi çevirisi Sindhi dili
| الْحَاقَّةُ(1)قيامت. | 
| ڇا آھي (اھا) قيامت. | 
| ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟ | 
| ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو. | 
| پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا. | 
| ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا. | 
| (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن. | 
| پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ | 
| وَجَاءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُ وَالْمُؤْتَفِكَاتُ بِالْخَاطِئَةِ(9)۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا. | 
| فَعَصَوْا رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً(10)۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو. | 
| إِنَّا لَمَّا طَغَى الْمَاءُ حَمَلْنَاكُمْ فِي الْجَارِيَةِ(11)بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. | 
| لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَا أُذُنٌ وَاعِيَةٌ(12)ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي. | 
| پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي. | 
| وَحُمِلَتِ الْأَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَاحِدَةً(14)۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو. | 
| پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي. | 
| ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو. | 
| وَالْمَلَكُ عَلَىٰ أَرْجَائِهَا ۚ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَانِيَةٌ(17)۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا. | 
| اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي. | 
| فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ فَيَقُولُ هَاؤُمُ اقْرَءُوا كِتَابِيَهْ(19)پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو. | 
| بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس. | 
| اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو. | 
| مٿاھين بھشت ۾. | 
| جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا. | 
| كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا أَسْلَفْتُمْ فِي الْأَيَّامِ الْخَالِيَةِ(24)(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ. | 
| وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِشِمَالِهِ فَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُوتَ كِتَابِيَهْ(25)۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا. | 
| نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟ | 
| ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا. | 
| منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو. | 
| مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي. | 
| (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس. | 
| وري دوزخ ۾ وجھوس. | 
| ثُمَّ فِي سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوهُ(32)وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي. | 
| ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو. | 
| ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو. | 
| تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي. | 
| ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي. | 
| (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو. | 
| پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو. | 
| ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به). | 
| ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي. | 
| ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا. | 
| ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا. | 
| (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي. | 
| ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا. | 
| ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا. | 
| وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا. | 
| پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي. | 
| ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي. | 
| ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن. | 
| ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي. | 
| ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي. | 
| تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر. | 
Sindhi dili diğer sureler:
En ünlü okuyucuların sesiyle Hakka Suresi indirin:
Surah Al-Haqqah mp3:  yüksek kalitede dinlemek ve indirmek için okuyucuyu seçerek
 Ahmed El Agamy
Ahmed El Agamy
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Ali Al Hudhaifi
Ali Al Hudhaifi
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Muhammad Jibril
Muhammad Jibril
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Nasser Al Qatami
Nasser Al Qatami
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Bizim için dua et, teşekkürler





