La sourate An-Naziat en Sindhi
| اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي. | 
| ۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي. | 
| ۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي. | 
| پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي. | 
| پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي. | 
| ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي. | 
| ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو. | 
| تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون. | 
| انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون. | 
| چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟ | 
| ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟ | 
| چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي. | 
| پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي. | 
| پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا. | 
| (اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟ | 
| جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو. | 
| ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي. | 
| پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟ | 
| ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين. | 
| پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين. | 
| پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين. | 
| وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو. | 
| پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين. | 
| پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان. | 
| پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو. | 
| بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي. | 
| ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟ | 
| اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين. | 
| ۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين. | 
| ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين. | 
| اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين. | 
| ۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين. | 
| اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ. | 
| پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو. | 
| اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين. | 
| ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو. | 
| پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو. | 
| ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين. | 
| تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي. | 
| وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَىٰ(40)۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين. | 
| پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي. | 
| (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟ | 
| (اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟ | 
| اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي. | 
| جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين. | 
| كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَهَا لَمْ يَلْبَثُوا إِلَّا عَشِيَّةً أَوْ ضُحَاهَا(46)جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا. | 
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate An-Naziat : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate An-Naziat complète en haute qualité.
 Ahmed Al Ajmy
Ahmed Al Ajmy
 Bandar Balila
Bandar Balila
 Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
 Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
 Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
 Abdul Basit
Abdul Basit 
 Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
 Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
 Abdullah Al Juhani
Abdullah Al Juhani
 Fares Abbad
Fares Abbad
 Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
 Al Minshawi
Al Minshawi
 Al Hosary
Al Hosary
 Mishari Al-afasi
Mishari Al-afasi
 Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari
Donnez-nous une invitation valide




