La sourate Al-Ala en Sindhi
(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر. |
جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. |
۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين. |
۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو. |
پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين. |
اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين. |
إِلَّا مَا شَاءَ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ يَعْلَمُ الْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ(7) مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به). |
۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين. |
پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر. |
جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو. |
۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو. |
جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو. |
وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو. |
بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو. |
۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو. |
بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو. |
۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. |
بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي. |
جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Ala : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Ala complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide