La sourate An-Najm en Sindhi
ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي. |
ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو. |
۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي. |
ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي. |
اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي. |
جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو. |
۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو. |
وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو. |
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو. |
پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين. |
جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو. |
جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟ |
۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين. |
سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ. |
اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي. |
جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي. |
(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي. |
بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين. |
لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟ |
۽ پوئين ٽين منات کي به؟ |
ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون. |
اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي. |
اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي. |
ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟ |
پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي. |
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي. |
إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ لَيُسَمُّونَ الْمَلَائِكَةَ تَسْمِيَةَ الْأُنثَىٰ(27) بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن. |
۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي. |
فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا(29) پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين. |
اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي. |
جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو. |
(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو. |
۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو. |
وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي. |
اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي. |
۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو. |
(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو. |
۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين. |
۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي. |
وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو. |
۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي. |
۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو. |
۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو. |
۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو. |
منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي. |
۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي. |
۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين. |
۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي. |
۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو. |
۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين. |
وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَىٰ(52) ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا. |
۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين. |
پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو. |
پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين. |
ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي. |
ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي. |
اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي. |
ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟ |
۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو. |
۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو. |
پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate An-Najm : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate An-Najm complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide