Surah Ya-Sin with Sindhi

  1. Surah mp3
  2. More
  3. Sindhi
The Holy Quran | Quran translation | Language Sindhi | Surah Yasin | يس - Ayat Count 83 - The number of the surah in moshaf: 36 - The meaning of the surah in English: yaseen.

يس(1)

 اي پيغمبر.

وَالْقُرْآنِ الْحَكِيمِ(2)

 (ھن) حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي.

إِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ(3)

 ته بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين.

عَلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ(4)

 (بيشڪ تون) سڌي واٽ تي آھين.

تَنزِيلَ الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ(5)

 (الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي.

لِتُنذِرَ قَوْمًا مَّا أُنذِرَ آبَاؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُونَ(6)

 (ھن لاءِ) ته اھڙي قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نه ڊيڄاريا ويا آھن تنھنڪري اُھي بي خبر آھن.

لَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلَىٰ أَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ(7)

 بيشڪ انھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه ٿا آڻين.

إِنَّا جَعَلْنَا فِي أَعْنَاقِهِمْ أَغْلَالًا فَهِيَ إِلَى الْأَذْقَانِ فَهُم مُّقْمَحُونَ(8)

 بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن.

وَجَعَلْنَا مِن بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدًّا وَمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَأَغْشَيْنَاهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ(9)

 ۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (به) اوٽ ڪئي سون پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نه ڏسندا.

وَسَوَاءٌ عَلَيْهِمْ أَأَنذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ(10)

 ۽ کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه آڻيندا.

إِنَّمَا تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْمَٰنَ بِالْغَيْبِ ۖ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَأَجْرٍ كَرِيمٍ(11)

 تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، ته پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي.

إِنَّا نَحْنُ نُحْيِي الْمَوْتَىٰ وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوا وَآثَارَهُمْ ۚ وَكُلَّ شَيْءٍ أَحْصَيْنَاهُ فِي إِمَامٍ مُّبِينٍ(12)

 بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شيء کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون.

وَاضْرِبْ لَهُم مَّثَلًا أَصْحَابَ الْقَرْيَةِ إِذْ جَاءَهَا الْمُرْسَلُونَ(13)

 ۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا.

إِذْ أَرْسَلْنَا إِلَيْهِمُ اثْنَيْنِ فَكَذَّبُوهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُوا إِنَّا إِلَيْكُم مُّرْسَلُونَ(14)

 (يعني) جڏھن اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.

قَالُوا مَا أَنتُمْ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا وَمَا أَنزَلَ الرَّحْمَٰنُ مِن شَيْءٍ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا تَكْذِبُونَ(15)

 چيائون ته اوھين ته رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شيءَ نه لاٿي آھي اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.

قَالُوا رَبُّنَا يَعْلَمُ إِنَّا إِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُونَ(16)

 چيائون ته اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.

وَمَا عَلَيْنَا إِلَّا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ(17)

 ۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) لازم نه آھي.

قَالُوا إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ ۖ لَئِن لَّمْ تَنتَهُوا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُم مِّنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ(18)

 چيائون ته بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نه جھلبؤ ته ضرور اوھان کي پھڻن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.

قَالُوا طَائِرُكُم مَّعَكُمْ ۚ أَئِن ذُكِّرْتُم ۚ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُونَ(19)

 (پيغمبرن) چيو ته اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي ته (انھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.

وَجَاءَ مِنْ أَقْصَى الْمَدِينَةِ رَجُلٌ يَسْعَىٰ قَالَ يَا قَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِينَ(20)

 ۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منھنجي قوم پيغمبرن جي تابعداري ڪريو.

اتَّبِعُوا مَن لَّا يَسْأَلُكُمْ أَجْرًا وَهُم مُّهْتَدُونَ(21)

 (اوھين) انھن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوھان کان اُجورو نه گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن.

وَمَا لِيَ لَا أَعْبُدُ الَّذِي فَطَرَنِي وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ(22)

 ۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو انھيءَ خُدا جي عبادت نه ڪريان جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين به) ڏانھس موٽايا ويندؤ.

أَأَتَّخِذُ مِن دُونِهِ آلِهَةً إِن يُرِدْنِ الرَّحْمَٰنُ بِضُرٍّ لَّا تُغْنِ عَنِّي شَفَاعَتُهُمْ شَيْئًا وَلَا يُنقِذُونِ(23)

 اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري ته اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (به ڏک) نه ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا.

إِنِّي إِذًا لَّفِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ(24)

 (جي ائين ڪندس ته) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌري گمراھيءَ ۾ ھوندس.

إِنِّي آمَنتُ بِرَبِّكُمْ فَاسْمَعُونِ(25)

 بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو.

قِيلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَ ۖ قَالَ يَا لَيْتَ قَوْمِي يَعْلَمُونَ(26)

 (اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون) چيو ويس ته بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھيء ارمان (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا.

بِمَا غَفَرَ لِي رَبِّي وَجَعَلَنِي مِنَ الْمُكْرَمِينَ(27)

 ته ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.

۞ وَمَا أَنزَلْنَا عَلَىٰ قَوْمِهِ مِن بَعْدِهِ مِن جُندٍ مِّنَ السَّمَاءِ وَمَا كُنَّا مُنزِلِينَ(28)

 ۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نه لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون.

إِن كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً فَإِذَا هُمْ خَامِدُونَ(29)

 (سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي پوءِ اُنھي (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا).

يَا حَسْرَةً عَلَى الْعِبَادِ ۚ مَا يَأْتِيهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ(30)

 ٻانھن تي ارمان آھي، (جو) وٽن ڪو (به اھڙو) پيغمبر نه آيو جنھن سان ٺـٺوليون نه ٿي ڪيائون.

أَلَمْ يَرَوْا كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّنَ الْقُرُونِ أَنَّهُمْ إِلَيْهِمْ لَا يَرْجِعُونَ(31)

 نه ڏٺو اٿن ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اُنھن ڏانھن موٽي نه ٿا اچن.

وَإِن كُلٌّ لَّمَّا جَمِيعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُونَ(32)

 ۽ جيڪي به آھن سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا.

وَآيَةٌ لَّهُمُ الْأَرْضُ الْمَيْتَةُ أَحْيَيْنَاهَا وَأَخْرَجْنَا مِنْهَا حَبًّا فَمِنْهُ يَأْكُلُونَ(33)

 ۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائين ٿا.

وَجَعَلْنَا فِيهَا جَنَّاتٍ مِّن نَّخِيلٍ وَأَعْنَابٍ وَفَجَّرْنَا فِيهَا مِنَ الْعُيُونِ(34)

 ۽ منجھس کجورين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون.

لِيَأْكُلُوا مِن ثَمَرِهِ وَمَا عَمِلَتْهُ أَيْدِيهِمْ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ(35)

 (ھن لاءِ ته) سندن ڦر مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نه بڻايو آھي، پوءِ ڇونه شُڪرانو ڪندا آھن؟

سُبْحَانَ الَّذِي خَلَقَ الْأَزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنبِتُ الْأَرْضُ وَمِنْ أَنفُسِهِمْ وَمِمَّا لَا يَعْلَمُونَ(36)

 اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن اُھا شيء جيڪا زمين ڄمائيندي آھي سا ۽ سندن جيئن مان ۽ جيڪي (شيون) نه ڄاڻندا آھن تن مان سڀني جنس کي (جوڙو جوڙو ڪوڙو ۽ مِٺو ۽ نَر ۽ مادي) پيدا ڪيو.

وَآيَةٌ لَّهُمُ اللَّيْلُ نَسْلَخُ مِنْهُ النَّهَارَ فَإِذَا هُم مُّظْلِمُونَ(37)

 ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني رات آھي، (جو) اُن مان ڏينھن کي ڇڪي ڪڍندا آھيون پوءِ اُنھي مھل اُھي اونداھي ۾ رھندا آھن.

وَالشَّمْسُ تَجْرِي لِمُسْتَقَرٍّ لَّهَا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ الْعَزِيزِ الْعَلِيمِ(38)

 ۽ سج پنھنجي ٽڪاءَ جي جاءِ تي پيو ھلندو آھي، اِھو غالب (الله) جو اندازو (ٺھرايل) آھي.

وَالْقَمَرَ قَدَّرْنَاهُ مَنَازِلَ حَتَّىٰ عَادَ كَالْعُرْجُونِ الْقَدِيمِ(39)

 ۽ چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيوسون تان جو کجيءَ جي پراڻي بھاري جي ڳنيءَ وانگر وري ڏنگو ٿيندو آھي.

لَا الشَّمْسُ يَنبَغِي لَهَا أَن تُدْرِكَ الْقَمَرَ وَلَا اللَّيْلُ سَابِقُ النَّهَارِ ۚ وَكُلٌّ فِي فَلَكٍ يَسْبَحُونَ(40)

 نڪي سج کي چنڊ جي پھچڻ جي (ڪا) مجال آھي ۽ نڪي رات (سج لھڻ کان اڳ) ڏينھن تي اڳرائي ڪندڙ آھي، ۽ (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) سڀئي آسمان ۾ تَرن ٿا.

وَآيَةٌ لَّهُمْ أَنَّا حَمَلْنَا ذُرِّيَّتَهُمْ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ(41)

 ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني (ھيءَ به آھي) جو اسان سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙي ۾ کنيو.

وَخَلَقْنَا لَهُم مِّن مِّثْلِهِ مَا يَرْكَبُونَ(42)

 ۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيء) جھڙيون (ٻيون سواريون به) بڻايوسون جن تي سواري ڪندا آھن.

وَإِن نَّشَأْ نُغْرِقْهُمْ فَلَا صَرِيخَ لَهُمْ وَلَا هُمْ يُنقَذُونَ(43)

 ۽ جيڪڏھن گھرون ته کين ٻوڙي ڇڏيون پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نه ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا.

إِلَّا رَحْمَةً مِّنَّا وَمَتَاعًا إِلَىٰ حِينٍ(44)

 پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون.

وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اتَّقُوا مَا بَيْنَ أَيْدِيكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ(45)

 ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي.

وَمَا تَأْتِيهِم مِّنْ آيَةٍ مِّنْ آيَاتِ رَبِّهِمْ إِلَّا كَانُوا عَنْهَا مُعْرِضِينَ(46)

 ۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نه ايندي آھي جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نه ھوندا آھن.

وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ أَنفِقُوا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا أَنُطْعِمُ مَن لَّوْ يَشَاءُ اللَّهُ أَطْعَمَهُ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ(47)

 ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله اوھان کي رزق ڏنو آھي تنھن مان خرچيو (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته اھڙي کي ڇو کارايون جو جيڪڏھن الله گھري ھا ته کيس کارائي ھا، اوھين اڳو پڌري گمراھيءَ ۾ آھيو.

وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ(48)

 ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو.

مَا يَنظُرُونَ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً تَأْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصِّمُونَ(49)

 اِھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن جو اُھي اُنھي حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا.

فَلَا يَسْتَطِيعُونَ تَوْصِيَةً وَلَا إِلَىٰ أَهْلِهِمْ يَرْجِعُونَ(50)

 پوءِ (اُھي) نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا.

وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَإِذَا هُم مِّنَ الْأَجْدَاثِ إِلَىٰ رَبِّهِمْ يَنسِلُونَ(51)

 ۽ صُور ۾ ڦوڪبو پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا.

قَالُوا يَا وَيْلَنَا مَن بَعَثَنَا مِن مَّرْقَدِنَا ۜ ۗ هَٰذَا مَا وَعَدَ الرَّحْمَٰنُ وَصَدَقَ الْمُرْسَلُونَ(52)

 چوندا ته اسان لاءِ ويل آھي اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو) ھيءُ اُھو آھي جيڪو ٻاجھاري الله انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو.

إِن كَانَتْ إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً فَإِذَا هُمْ جَمِيعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُونَ(53)

 (اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا.

فَالْيَوْمَ لَا تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا وَلَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ(54)

 پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ به ظلم نه ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھئو رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو.

إِنَّ أَصْحَابَ الْجَنَّةِ الْيَوْمَ فِي شُغُلٍ فَاكِهُونَ(55)

 بيشڪ بھشتي اڄ ھڪ ڪم ۾ خوش ھوندا.

هُمْ وَأَزْوَاجُهُمْ فِي ظِلَالٍ عَلَى الْأَرَائِكِ مُتَّكِئُونَ(56)

 اُھي ۽ سندين زالون ڇانوَن ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندڙ ھوندا.

لَهُمْ فِيهَا فَاكِهَةٌ وَلَهُم مَّا يَدَّعُونَ(57)

 انھن لاءِ بھشت ۾ ميوا آھن ۽ جيڪي گھرندا سو (پڻ) انھن لاءِ آھي.

سَلَامٌ قَوْلًا مِّن رَّبٍّ رَّحِيمٍ(58)

 چيو ويندو ته پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي.

وَامْتَازُوا الْيَوْمَ أَيُّهَا الْمُجْرِمُونَ(59)

 ۽ (چونداسون ته) اي گنھگارو اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو.

۞ أَلَمْ أَعْهَدْ إِلَيْكُمْ يَا بَنِي آدَمَ أَن لَّا تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ ۖ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ(60)

 اي آدم جا اولاد اوھان ڏانھن پيغام نه موڪليو ھوم ڇا ته شيطان کي نه پوڄجو، جو بيشڪ اوھان جو پڌرو ويري آھي.

وَأَنِ اعْبُدُونِي ۚ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ(61)

 ۽ ته منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي.

وَلَقَدْ أَضَلَّ مِنكُمْ جِبِلًّا كَثِيرًا ۖ أَفَلَمْ تَكُونُوا تَعْقِلُونَ(62)

 ۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نه سمجھندا ھُئو ڇا؟

هَٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي كُنتُمْ تُوعَدُونَ(63)

 ھيءُ اُھو دوزخ آھي (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو.

اصْلَوْهَا الْيَوْمَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ(64)

 اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھُئو.

الْيَوْمَ نَخْتِمُ عَلَىٰ أَفْوَاهِهِمْ وَتُكَلِّمُنَا أَيْدِيهِمْ وَتَشْهَدُ أَرْجُلُهُم بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ(65)

 اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا.

وَلَوْ نَشَاءُ لَطَمَسْنَا عَلَىٰ أَعْيُنِهِمْ فَاسْتَبَقُوا الصِّرَاطَ فَأَنَّىٰ يُبْصِرُونَ(66)

 ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين اکين کي ناس ڪريون پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن ته پوءِ ڪٿان ڏسندا؟

وَلَوْ نَشَاءُ لَمَسَخْنَاهُمْ عَلَىٰ مَكَانَتِهِمْ فَمَا اسْتَطَاعُوا مُضِيًّا وَلَا يَرْجِعُونَ(67)

 ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون ته پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوءَ تي موٽن.

وَمَن نُّعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ ۖ أَفَلَا يَعْقِلُونَ(68)

 ۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون تنھن کي بڻاوت ۾ اونڌو ڪندا آھيون، (ايتري ڳالھ به) نه سمجھندا آھن ڇا؟

وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشِّعْرَ وَمَا يَنبَغِي لَهُ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ وَقُرْآنٌ مُّبِينٌ(69)

 ۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءَ ته نصيحت ۽ پڌرو قرآن آھي.

لِّيُنذِرَ مَن كَانَ حَيًّا وَيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَى الْكَافِرِينَ(70)

 ته اُنھي کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.

أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا خَلَقْنَا لَهُم مِّمَّا عَمِلَتْ أَيْدِينَا أَنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مَالِكُونَ(71)

 نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن.

وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوبُهُمْ وَمِنْهَا يَأْكُلُونَ(72)

 ۽ اُنھن (ڍورن) کي اُنھن جو تابعدار ڪيوسون پوءِ منجھانئن ڪي سندن چڙھيءَ جا آھن ۽ منجھانئن ڪي (اُھي) کائيندا آھن.

وَلَهُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ(73)

 ۽ اُنھن لاءِ اُنھن (ڍورن) ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ جون شيون (يعني کِير) آھن، پوءِ اُھي ڇونه شُڪر ڪندا آھن؟

وَاتَّخَذُوا مِن دُونِ اللَّهِ آلِهَةً لَّعَلَّهُمْ يُنصَرُونَ(74)

 ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن ته مانَ کين مدد ڏني وڃي.

لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَهُمْ وَهُمْ لَهُمْ جُندٌ مُّحْضَرُونَ(75)

 (اُھي) کين مدد ڏئي نه سگھندا ۽ اُھي (بُت) اُنھن جو لشڪر ٿي گڏ ڪيا ويندا.

فَلَا يَحْزُنكَ قَوْلُهُمْ ۘ إِنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ(76)

 پوءَ (اي پيغمبر) توکي سندن چوڻ نه ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا.

أَوَلَمْ يَرَ الْإِنسَانُ أَنَّا خَلَقْنَاهُ مِن نُّطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُّبِينٌ(77)

 ماڻھوءَ نه ڏٺو آھي ڇا ته اسان کيس نُطفي مان بڻايو پوءِ تڏھن ته اُھو پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي.

وَضَرَبَ لَنَا مَثَلًا وَنَسِيَ خَلْقَهُ ۖ قَالَ مَن يُحْيِي الْعِظَامَ وَهِيَ رَمِيمٌ(78)

 ۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.

قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ(79)

 (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.

الَّذِي جَعَلَ لَكُم مِّنَ الشَّجَرِ الْأَخْضَرِ نَارًا فَإِذَا أَنتُم مِّنْهُ تُوقِدُونَ(80)

 جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي پوءِ اوچتو اوھين اُن مان باھ ٿا ٻاريو.

أَوَلَيْسَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَن يَخْلُقَ مِثْلَهُم ۚ بَلَىٰ وَهُوَ الْخَلَّاقُ الْعَلِيمُ(81)

 جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ (سڀ) ڄاڻندڙ آھي.

إِنَّمَا أَمْرُهُ إِذَا أَرَادَ شَيْئًا أَن يَقُولَ لَهُ كُن فَيَكُونُ(82)

 سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه آھي ته جڏھن ڪا شيء بڻائڻ گھرندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته (اھا شي) ٿي پوندي آھي.

فَسُبْحَانَ الَّذِي بِيَدِهِ مَلَكُوتُ كُلِّ شَيْءٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ(83)

 پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن جي ھٿ ۾ ھر شيءَ جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ.


More surahs in Sindhi:


Al-Baqarah Al-'Imran An-Nisa'
Al-Ma'idah Yusuf Ibrahim
Al-Hijr Al-Kahf Maryam
Al-Hajj Al-Qasas Al-'Ankabut
As-Sajdah Ya Sin Ad-Dukhan
Al-Fath Al-Hujurat Qaf
An-Najm Ar-Rahman Al-Waqi'ah
Al-Hashr Al-Mulk Al-Haqqah
Al-Inshiqaq Al-A'la Al-Ghashiyah

Download surah Ya-Sin with the voice of the most famous Quran reciters :

surah Ya-Sin mp3 : choose the reciter to listen and download the chapter Ya-Sin Complete with high quality
surah Ya-Sin Ahmed El Agamy
Ahmed Al Ajmy
surah Ya-Sin Bandar Balila
Bandar Balila
surah Ya-Sin Khalid Al Jalil
Khalid Al Jalil
surah Ya-Sin Saad Al Ghamdi
Saad Al Ghamdi
surah Ya-Sin Saud Al Shuraim
Saud Al Shuraim
surah Ya-Sin Abdul Basit Abdul Samad
Abdul Basit
surah Ya-Sin Abdul Rashid Sufi
Abdul Rashid Sufi
surah Ya-Sin Abdullah Basfar
Abdullah Basfar
surah Ya-Sin Abdullah Awwad Al Juhani
Abdullah Al Juhani
surah Ya-Sin Fares Abbad
Fares Abbad
surah Ya-Sin Maher Al Muaiqly
Maher Al Muaiqly
surah Ya-Sin Muhammad Siddiq Al Minshawi
Al Minshawi
surah Ya-Sin Al Hosary
Al Hosary
surah Ya-Sin Al-afasi
Mishari Al-afasi
surah Ya-Sin Yasser Al Dosari
Yasser Al Dosari


Monday, May 6, 2024

لا تنسنا من دعوة صالحة بظهر الغيب