سورو ماعون عربي ۽ سنڌي

سورو ماعون مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (7 آيت — مكية). ماعون ٻڌو, ماعون ترجمو, ماعون mp3, ماعون pdf.

سورو ماعون پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
أَرَأَيْتَ الَّذِي يُكَذِّبُ بِالدِّينِ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.
فَذَٰلِكَ الَّذِي يَدُعُّ الْيَتِيمَ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.
فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّينَ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.
الَّذِينَ هُمْ عَن صَلَاتِهِمْ سَاهُونَ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.
الَّذِينَ هُمْ يُرَاءُونَ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.
وَيَمْنَعُونَ الْمَاعُونَ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.
→ 106 ماعون (107/114) 108 ←
پڙهو سورو ماعون سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

107الماعون Al-Ma'un 📚 7 آيت مكية

آيت به آيت – سورو ماعون — 7 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers