7 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭦﭧﭨﭩﭪ
107:1 (اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.
ﭫﭬﭭﭮﭯ
107:2 پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.
ﭰﭱﭲﭳﭴﭵ
107:3 ۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.
ﭶﭷﭸ
107:4 پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.
ﭹﭺﭻﭼﭽﭾ
107:5 جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.
ﭿﮀﮁﮂ
107:6 اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.
ﮃﮄﮅ
107:7 ۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.

قرآن ڪريم


Tuesday, September 29, 2026

Don't forget us in your sincere prayers