PDF —
55 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو قمر pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو قمر pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو قمر ترجمو. قمر (Meccan) 55 آيت.



55 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮬﮭﮮﮯﮰ
54:1 قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.
ﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙ
54:2 ۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي.
ﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
54:3 ۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي.
ﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
54:4 ۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي.
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰ
54:5 پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين.
ﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺ
54:6 تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙ
54:7 (تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن.
ﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣ
54:8 (اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي.
ﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭﭮ
54:9 انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو.
ﭯﭰﭱﭲﭳﭴ
54:10 پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
54:11 پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄ
54:12 ۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو.
ﮅﮆﮇﮈﮉﮊ
54:13 ۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون.
ﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑ
54:14 جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون.
ﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘ
54:15 ۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
ﮙﮚﮛﮜﮝ
54:16 پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا.
ﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥ
54:17 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
ﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
54:18 عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗ
54:19 بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو.
ﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞ
54:20 جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن.
ﯟﯠﯡﯢﯣ
54:21 پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪﯫ
54:22 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
ﯬﯭﯮﯯ
54:23 ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺ
54:24 پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون.
ﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃﰄ
54:25 اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي.
ﰅﰆﰇﰈﰉﰊ
54:26 سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي.
ﰋﰌﰍﰎﰏﰐﰑﰒ
54:27 بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚ
54:28 ۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي.
ﭛﭜﭝﭞﭟ
54:29 پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين.
ﭠﭡﭢﭣﭤ
54:30 پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟
ﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
54:31 بيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا.
ﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵ
54:32 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
ﭶﭷﭸﭹﭺ
54:33 لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅ
54:34 بيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون.
ﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎ
54:35 پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون.
ﮏﮐﮑﮒﮓﮔ
54:36 ۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون.
ﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞ
54:37 ۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.
ﮟﮠﮡﮢﮣﮤ
54:38 ۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو.
ﮥﮦﮧﮨ
54:39 پوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.
ﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰ
54:40 ۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
ﮱﯓﯔﯕﯖﯗ
54:41 ۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا.
ﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
54:42 ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯦﯧﯨﯩﯪ
54:43 (اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟
ﯫﯬﯭﯮﯯﯰ
54:44 چوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون.
ﯱﯲﯳﯴﯵ
54:45 انھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا.
ﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼ
54:46 بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي.
ﯽﯾﯿﰀﰁﰂ
54:47 بيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن.
ﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌ
54:48 (ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو.
ﰍﰎﰏﰐﰑﰒ
54:49 بيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
54:50 ۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي.
ﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞ
54:51 ۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
ﭟﭠﭡﭢﭣﭤ
54:52 ۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي.
ﭥﭦﭧﭨﭩ
54:53 ۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي.
ﭪﭫﭬﭭﭮﭯ
54:54 بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا.
ﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶ
54:55 اُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers