PDF —
49 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سوره طور pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سوره طور pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره طور ترجمو. سوره طور (Meccan) 49 آيت.



49 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮞﮟ
52:1 (جبل) طُور جو قسم آھي.
ﮠﮡﮢ
52:2 ۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.
ﮣﮤﮥﮦ
52:3 جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.
ﮧﮨﮩ
52:4 ۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.
ﮪﮫﮬ
52:5 ۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.
ﮭﮮﮯ
52:6 ۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.
ﮰﮱﯓﯔﯕ
52:7 ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.
ﯖﯗﯘﯙﯚ
52:8 اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.
ﯛﯜﯝﯞﯟ
52:9 جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.
ﯠﯡﯢﯣ
52:10 ۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.
ﯤﯥﯦﯧ
52:11 تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﯨﯩﯪﯫﯬﯭ
52:12 جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.
ﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴ
52:13 جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.
ﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻ
52:14 (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
52:15 ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟
ﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥ
52:16 ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.
ﭦﭧﭨﭩﭪﭫ
52:17 بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.
ﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴ
52:18 جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻ
52:19 (چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄ
52:20 ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.
ﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙ
52:21 ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟ
52:22 ۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.
ﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨ
52:23 اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.
ﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱ
52:24 ۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.
ﯓﯔﯕﯖﯗﯘ
52:25 ۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.
ﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠ
52:26 چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.
ﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧ
52:27 پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.
ﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲ
52:28 بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.
ﯳﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻ
52:29 پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.
ﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃ
52:30 بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.
ﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊ
52:31 (انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚ
52:32 کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.
ﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
52:33 چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.
ﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩ
52:34 پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.
ﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
52:35 اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻ
52:36 آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃ
52:37 تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎ
52:38 کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.
ﮏﮐﮑﮒﮓﮔ
52:39 الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟
ﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜ
52:40 اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.
ﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
52:41 اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.
ﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫ
52:42 ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.
ﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗ
52:43 انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
ﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
52:44 ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.
ﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
52:45 پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.
ﯪﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳ
52:46 جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.
ﯴﯵﯶﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾ
52:47 ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
ﯿﰀﰁﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊ
52:48 ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر
ﰋﰌﰍﰎﰏﰐ
52:49 ۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).

قرآن ڪريم


Wednesday, September 9, 2026

Don't forget us in your sincere prayers