9 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭢﭣﭤﭥﭦ
104:1 (انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي.
ﭧﭨﭩﭪﭫ
104:2 جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين.
ﭬﭭﭮﭯﭰ
104:3 ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو.
ﭱﭲﭳﭴﭵﭶ
104:4 ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس.
ﭷﭸﭹﭺﭻ
104:5 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
ﭼﭽﭾﭿ
104:6 الله جي ٻاريل باھ آھي.
ﮀﮁﮂﮃﮄ
104:7 جا دلين تي پھچندي.
ﮅﮆﮇﮈ
104:8 بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.
ﮉﮊﮋﮌ
104:9 (جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا).

قرآن ڪريم


Tuesday, September 29, 2026

Don't forget us in your sincere prayers