PDF —
56 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو مدثر pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو مدثر pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو مدثر ترجمو. مدثر (Meccan) 56 آيت.



56 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮪﮫﮬ
74:1 اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
ﮭﮮﮯ
74:2 کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
ﮰﮱﯓ
74:3 ۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
ﯔﯕﯖ
74:4 ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
ﯗﯘﯙ
74:5 ۽ پليتي کان پري رھ.
ﯚﯛﯜﯝ
74:6 ۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
ﯞﯟﯠ
74:7 ۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
ﯡﯢﯣﯤﯥ
74:8 پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
ﯦﯧﯨﯩﯪ
74:9 تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
ﯫﯬﯭﯮﯯ
74:10 ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
ﯰﯱﯲﯳﯴ
74:11 مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.
ﯵﯶﯷﯸﯹ
74:12 ۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
ﯺﯻﯼ
74:13 ۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
ﯽﯾﯿﰀ
74:14 ۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
ﰁﰂﰃﰄﰅ
74:15 وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
ﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌ
74:16 ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
ﰍﰎﰏ
74:17 جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
ﰐﰑﰒﰓ
74:18 بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
ﭑﭒﭓﭔ
74:19 پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
ﭕﭖﭗﭘﭙ
74:20 وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
ﭚﭛﭜ
74:21 وري (غور ڪري) ڏٺائين.
ﭝﭞﭟﭠ
74:22 وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
ﭡﭢﭣﭤ
74:23 وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
ﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫ
74:24 پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
ﭬﭭﭮﭯﭰﭱ
74:25 ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
ﭲﭳﭴ
74:26 جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
ﭵﭶﭷﭸﭹ
74:27 ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
ﭺﭻﭼﭽﭾ
74:28 اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
ﭿﮀﮁ
74:29 ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
ﮂﮃﮄﮅ
74:30 اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
ﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤ
74:31 ۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
ﯥﯦﯧ
74:32 سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
ﯨﯩﯪﯫ
74:33 ۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
ﯬﯭﯮﯯ
74:34 ۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
ﯰﯱﯲﯳ
74:35 ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
ﯴﯵﯶ
74:36 (سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
ﯷﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾ
74:37 اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
ﯿﰀﰁﰂﰃﰄ
74:38 سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
ﰅﰆﰇﰈ
74:39 پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
ﰉﰊﰋﰌ
74:40 (بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
ﰍﰎﰏ
74:41 ڏوھارين کان.
ﰐﰑﰒﰓﰔ
74:42 ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
ﰕﰖﰗﰘﰙﰚ
74:43 چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
ﰛﰜﰝﰞﰟ
74:44 ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
ﰠﰡﰢﰣﰤ
74:45 ۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
ﰥﰦﰧﰨﰩ
74:46 ۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
ﰪﰫﰬﰭ
74:47 تان جو اسان کي موت پھتو.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
74:48 پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
ﭖﭗﭘﭙﭚﭛ
74:49 پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
ﭜﭝﭞﭟ
74:50 ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
ﭠﭡﭢﭣ
74:51 جي شينھن کان ڀڳا ھجن.
ﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
74:52 بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
ﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴ
74:53 ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
ﭵﭶﭷﭸ
74:54 سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
ﭹﭺﭻﭼ
74:55 پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
ﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
74:56 ۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers