PDF —
40 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو قیامت pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو قیامت pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو قیامت ترجمو. قیامت (Meccan) 40 آيت.



40 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮊﮋﮌﮍﮎ
75:1 قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
ﮏﮐﮑﮒﮓ
75:2 ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).
ﮔﮕﮖﮗﮘﮙ
75:3 ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
75:4 ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦ
75:5 بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.
ﮧﮨﮩﮪﮫ
75:6 پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
ﮬﮭﮮﮯ
75:7 پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.
ﮰﮱﯓ
75:8 ۽ چنڊ گرھبو.
ﯔﯕﯖﯗ
75:9 ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.
ﯘﯙﯚﯛﯜﯝ
75:10 (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟
ﯞﯟﯠﯡ
75:11 نه نه! ڪا واھ ڪانھي.
ﯢﯣﯤﯥﯦ
75:12 تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.
ﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭ
75:13 اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.
ﯮﯯﯰﯱﯲﯳ
75:14 بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.
ﯴﯵﯶﯷ
75:15 توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.
ﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾ
75:16 (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.
ﯿﰀﰁﰂﰃ
75:17 ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.
ﰄﰅﰆﰇﰈ
75:18 پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.
ﰉﰊﰋﰌﰍ
75:19 وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
75:20 نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.
ﭖﭗﭘ
75:21 ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.
ﭙﭚﭛﭜ
75:22 ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.
ﭝﭞﭟﭠ
75:23 پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.
ﭡﭢﭣﭤ
75:24 ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.
ﭥﭦﭧﭨﭩﭪ
75:25 ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.
ﭫﭬﭭﭮﭯ
75:26 نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.
ﭰﭱﭲﭳﭴ
75:27 ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.
ﭵﭶﭷﭸ
75:28 ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.
ﭹﭺﭻﭼ
75:29 ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.
ﭽﭾﭿﮀﮁ
75:30 اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.
ﮂﮃﮄﮅﮆ
75:31 پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.
ﮇﮈﮉﮊ
75:32 پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.
ﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
75:33 وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.
ﮑﮒﮓﮔ
75:34 توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.
ﮕﮖﮗﮘﮙ
75:35 وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.
ﮚﮛﮜﮝﮞﮟ
75:36 ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.
ﮠﮡﮢﮣﮤﮥﮦ
75:37 (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.
ﮧﮨﮩﮪﮫﮬ
75:38 وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.
ﮭﮮﮯﮰﮱﯓ
75:39 پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.
ﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛ
75:40 اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers