سورو عاديات عربي ۽ سنڌي

سورو عاديات مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (11 آيت — مكية). عاديات ٻڌو, عاديات ترجمو, عاديات mp3, عاديات pdf.

سورو عاديات پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
وَالْعَادِيَاتِ ضَبْحًا ۝١
📖 ترجمو آيت 1
ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.
فَالْمُورِيَاتِ قَدْحًا ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.
فَالْمُغِيرَاتِ صُبْحًا ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
فَأَثَرْنَ بِهِ نَقْعًا ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
جو اُن مھل رئي اُٿارين.
فَوَسَطْنَ بِهِ جَمْعًا ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.
إِنَّ الْإِنسَانَ لِرَبِّهِ لَكَنُودٌ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.
وَإِنَّهُ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.
وَإِنَّهُ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيدٌ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.
۞ أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُورِ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.
وَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُورِ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.
إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّخَبِيرٌ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.
→ 99 عاديات (100/114) 101 ←
پڙهو سورو عاديات سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

100العاديات Al-'Adiyat 📚 11 آيت مكية

آيت به آيت – سورو عاديات — 11 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers