سوره زلزلہ عربي ۽ سنڌي

سوره زلزلہ مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (8 آيت — مدنية). زلزلہ ٻڌو, زلزلہ ترجمو, زلزلہ mp3, زلزلہ pdf.

سوره زلزلہ پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy ✓
M Mahmoud Khalil Al-Husary ✓
A Abdurrahman As-Sudais ✓
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi ✓
A Abdul Basit Abdul Samad ✓
A Ali Al-Hudhaify ✓
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy ✓
A Abu Bakr Ash-Shaatree ✓
M Muhammad Ayyoub ✓
A Abdullah Basfar ✓
A Abdullah Al-Juhani ✓
M Maher Al Muaiqly ✓
—
x1
bismillah
إِذَا زُلْزِلَتِ الْأَرْضُ زِلْزَالَهَا ۝١
📖 ترجمو آيت 1
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.
وَأَخْرَجَتِ الْأَرْضُ أَثْقَالَهَا ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.
وَقَالَ الْإِنسَانُ مَا لَهَا ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.
يَوْمَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخْبَارَهَا ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.
بِأَنَّ رَبَّكَ أَوْحَىٰ لَهَا ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.
يَوْمَئِذٍ يَصْدُرُ النَّاسُ أَشْتَاتًا لِّيُرَوْا أَعْمَالَهُمْ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.
فَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَرَهُ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
وَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
→ 98 زلزلہ (99/114) 100 ←
پڙهو سوره زلزلہ سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

99الزلزلة Az-Zalzalah 📚 8 آيت مدنية



قرآن ڪريم


Monday, September 28, 2026

Don't forget us in your sincere prayers