11 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮉﮊ
93:1 مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
ﮋﮌﮍﮎ
93:2 ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
ﮏﮐﮑﮒﮓﮔ
93:3 ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
ﮕﮖﮗﮘﮙﮚ
93:4 ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
ﮛﮜﮝﮞﮟ
93:5 ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
ﮠﮡﮢﮣﮤ
93:6 توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
ﮥﮦﮧﮨ
93:7 ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
ﮩﮪﮫﮬ
93:8 ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
ﮭﮮﮯﮰﮱ
93:9 تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
ﯓﯔﯕﯖﯗ
93:10 ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
ﯘﯙﯚﯛﯜ
93:11 ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.

قرآن ڪريم


Tuesday, September 29, 2026

Don't forget us in your sincere prayers