سوره تین عربي ۽ سنڌي

سوره تین مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (8 آيت — مكية). تین ٻڌو, تین ترجمو, تین mp3, تین pdf.

سوره تین پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy ✓
M Mahmoud Khalil Al-Husary ✓
A Abdurrahman As-Sudais ✓
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi ✓
A Abdul Basit Abdul Samad ✓
A Ali Al-Hudhaify ✓
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy ✓
A Abu Bakr Ash-Shaatree ✓
M Muhammad Ayyoub ✓
A Abdullah Basfar ✓
A Abdullah Al-Juhani ✓
M Maher Al Muaiqly ✓
—
x1
bismillah
وَالتِّينِ وَالزَّيْتُونِ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.
وَطُورِ سِينِينَ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
۽ طُور سينا جو.
وَهَٰذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.
لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.
ثُمَّ رَدَدْنَاهُ أَسْفَلَ سَافِلِينَ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.
إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.
فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّينِ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
أَلَيْسَ اللَّهُ بِأَحْكَمِ الْحَاكِمِينَ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟
→ 94 تین (95/114) 96 ←
پڙهو سوره تین سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

95التين At-Tin 📚 8 آيت مكية



قرآن ڪريم


Monday, September 28, 2026

Don't forget us in your sincere prayers