8 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭫﭬﭭ
95:1 انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.
ﭮﭯﭰ
95:2 ۽ طُور سينا جو.
ﭱﭲﭳﭴ
95:3 ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.
ﭵﭶﭷﭸﭹﭺﭻ
95:4 ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.
ﭼﭽﭾﭿﮀ
95:5 وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.
ﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊ
95:6 پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.
ﮋﮌﮍﮎﮏ
95:7 پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
ﮐﮑﮒﮓﮔ
95:8 حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟

قرآن ڪريم


Tuesday, September 29, 2026

Don't forget us in your sincere prayers