PDF —
42 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو عبس pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو عبس pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو عبس ترجمو. عبس (Meccan) 42 آيت.



42 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓ
80:1 مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.
ﭔﭕﭖﭗ
80:2 ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.
ﭘﭙﭚﭛﭜ
80:3 ۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.
ﭝﭞﭟﭠﭡ
80:4 يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.
ﭢﭣﭤﭥ
80:5 پر جنھن بي پرواھي ڪئي.
ﭦﭧﭨﭩ
80:6 پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.
ﭪﭫﭬﭭﭮ
80:7 ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.
ﭯﭰﭱﭲﭳ
80:8 ۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.
ﭴﭵﭶ
80:9 ۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.
ﭷﭸﭹﭺ
80:10 پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.
ﭻﭼﭽﭾ
80:11 ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.
ﭿﮀﮁﮂ
80:12 پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.
ﮃﮄﮅﮆ
80:13 (بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.
ﮇﮈﮉ
80:14 جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.
ﮊﮋﮌ
80:15 لکندڙن جي ھٿن ۾.
ﮍﮎﮏ
80:16 جي سڳورا ڀلارا آھن.
ﮐﮑﮒﮓﮔ
80:17 ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.
ﮕﮖﮗﮘﮙ
80:18 (ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.
ﮚﮛﮜﮝﮞ
80:19 مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.
ﮟﮠﮡﮢ
80:20 وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.
ﮣﮤﮥﮦ
80:21 وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.
ﮧﮨﮩﮪﮫ
80:22 وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.
ﮬﮭﮮﮯﮰﮱ
80:23 ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.
ﯓﯔﯕﯖﯗ
80:24 پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.
ﯘﯙﯚﯛﯜ
80:25 ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.
ﯝﯞﯟﯠﯡ
80:26 وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.
ﯢﯣﯤﯥ
80:27 پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.
ﯦﯧﯨ
80:28 ۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.
ﯩﯪﯫ
80:29 ۽ زيتون ۽ کجيون.
ﯬﯭﯮ
80:30 ۽ گھاٽا باغ.
ﯯﯰﯱ
80:31 ۽ ميوو ۽ گاھ (به).
ﯲﯳﯴﯵ
80:32 اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.
ﯶﯷﯸﯹ
80:33 پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.
ﯺﯻﯼﯽﯾﯿ
80:34 انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.
ﰀﰁﰂ
80:35 ۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.
ﰃﰄﰅ
80:36 ۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.
ﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌ
80:37 انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.
ﰍﰎﰏﰐ
80:38 ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.
ﰑﰒﰓ
80:39 کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.
ﰔﰕﰖﰗﰘ
80:40 ۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.
ﭑﭒﭓ
80:41 جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.
ﭔﭕﭖﭗﭘ
80:42 اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers