PDF —
19 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو علق pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو علق pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو علق ترجمو. علق (Meccan) 19 آيت.



19 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮕﮖﮗﮘﮙﮚ
96:1 (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.
ﮛﮜﮝﮞﮟ
96:2 ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.
ﮠﮡﮢﮣ
96:3 پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.
ﮤﮥﮦﮧ
96:4 جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.
ﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
96:5 ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.
ﮮﮯﮰﮱﯓ
96:6 سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.
ﯔﯕﯖﯗ
96:7 جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.
ﯘﯙﯚﯛﯜ
96:8 بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.
ﯝﯞﯟﯠ
96:9 اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.
ﯡﯢﯣﯤ
96:10 (منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.
ﯥﯦﯧﯨﯩﯪ
96:11 ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.
ﯫﯬﯭﯮ
96:12 يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.
ﭑﭒﭓﭔﭕ
96:13 ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.
ﭖﭗﭘﭙﭚﭛ
96:14 ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.
ﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
96:15 ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.
ﭣﭤﭥﭦ
96:16 اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.
ﭧﭨﭩ
96:17 پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.
ﭪﭫﭬ
96:18 اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳ
96:19 ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers