مائدہ · 64/120
ترجمو لکڻ — سوره مائدہ
وَقَالَتِ الْيَهُودُ يَدُ اللَّهِ مَغْلُولَةٌ ۚ غُلَّتْ أَيْدِيهِمْ وَلُعِنُوا بِمَا قَالُوا ۘ بَلْ يَدَاهُ مَبْسُوطَتَانِ يُنفِقُ كَيْفَ يَشَاءُ ۚ وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم مَّا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ طُغْيَانًا وَكُفْرًا ۚ وَأَلْقَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۚ كُلَّمَا أَوْقَدُوا نَارًا لِّلْحَرْبِ أَطْفَأَهَا اللَّهُ ۚ وَيَسْعَوْنَ فِي الْأَرْضِ فَسَادًا ۚ وَاللَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ ۝٦٤
Wa qaalatil Yahoodu Yadullaahi maghloolah; ghulla aideehim wa lu`inoo bimaa qaaloo; bal yadaahu mabsoo tataani yunfiqu kaifa yashaaa`; wa la yazeedanna kaseeramm minhum maaa unzila ilaika mir Rabbika tughyaananw wa kufraa; wa alqainaa bainahumul `adaawata wal baghdaaa a` ilaa Yawmil Qiyaamah; kullamaaa awqadoo naaral lilharbi at fa-ahal laah; wa yas`awna fil ardi fasaadaa; wal laahu laa yuhibbul mufsideen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نه آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جئن وڻندو اٿس تئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرمانيءَ ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نه رکندو آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 62-66 — سوره مائدہ

62وَتَرَىٰ كَثِيرًا مِّنْهُمْ يُسَارِعُونَ فِي الْإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَأَكْلِهِمُ السُّحْتَ ۚ لَبِئْسَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ (اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته گناہ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پنھنجي حرامخوريءَ ۾ تڪڙ ڪندا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي.
63لَوْلَا يَنْهَاهُمُ الرَّبَّانِيُّونَ وَالْأَحْبَارُ عَن قَوْلِهِمُ الْإِثْمَ وَأَكْلِهِمُ السُّحْتَ ۚ لَبِئْسَ مَا كَانُوا يَصْنَعُونَ
الله وارا ۽ عالم کين سندن ڪُوڙ ڳالھائڻ ۽ سندن حرامخوريءَ کان ڇونه جھليندا آھن؟ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي.
64وَقَالَتِ الْيَهُودُ يَدُ اللَّهِ مَغْلُولَةٌ ۚ غُلَّتْ أَيْدِيهِمْ وَلُعِنُوا بِمَا قَالُوا ۘ بَلْ يَدَاهُ مَبْسُوطَتَانِ يُنفِقُ كَيْفَ يَشَاءُ ۚ وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم مَّا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ طُغْيَانًا وَكُفْرًا ۚ وَأَلْقَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاءَ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۚ كُلَّمَا أَوْقَدُوا نَارًا لِّلْحَرْبِ أَطْفَأَهَا اللَّهُ ۚ وَيَسْعَوْنَ فِي الْأَرْضِ فَسَادًا ۚ وَاللَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ
۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نه آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جئن وڻندو اٿس تئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرمانيءَ ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نه رکندو آھي.
65وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ الْكِتَابِ آمَنُوا وَاتَّقَوْا لَكَفَّرْنَا عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَلَأَدْخَلْنَاهُمْ جَنَّاتِ النَّعِيمِ
۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگاري ڪن ھا ته سندن گناہ کانئن ضرور ميٽيون ھا ۽ کين نعمت جي باغن ۾ ضرور داخل ڪريون ھا.
66وَلَوْ أَنَّهُمْ أَقَامُوا التَّوْرَاةَ وَالْإِنجِيلَ وَمَا أُنزِلَ إِلَيْهِم مِّن رَّبِّهِمْ لَأَكَلُوا مِن فَوْقِهِمْ وَمِن تَحْتِ أَرْجُلِهِم ۚ مِّنْهُمْ أُمَّةٌ مُّقْتَصِدَةٌ ۖ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ سَاءَ مَا يَعْمَلُونَ
۽ جيڪڏھن اُھي توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي سندن پالڻھار وٽان اُنھن ڏانھن لاٿو ويو (تن جي حڪمن کي) پورو بيھارين ھا ته پنھنجي مٿان ۽ پنھنجي پيرن ھيٺان ضرور (روزي) کائين ھا، منجھانئن ھڪ ٽولي سئين رستي آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
مائدہقرآن فهرست
120آيت
MedinanRevelation
64آيت

ترجمو — مائدہ 64

سوره مائدہ آيت 64 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ آھي…

سوره آيت 64/120 — سوره مائدہ المائدة (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره مائدہ ٻڌو, سوره مائدہ ترجمو, سوره مائدہ mp3, سوره مائدہ pdf. آيت 62–66. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers