PDF —
44 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو معارج pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو معارج pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو معارج ترجمو. معارج (Meccan) 44 آيت.



44 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮮﮯﮰﮱﯓ
70:1 ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.
ﯔﯕﯖﯗﯘ
70:2 جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.
ﯙﯚﯛﯜﯝ
70:3 جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.
ﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
70:4 جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.
ﯪﯫﯬﯭ
70:5 تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.
ﯮﯯﯰﯱ
70:6 ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.
ﯲﯳﯴ
70:7 ۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.
ﯵﯶﯷﯸﯹ
70:8 جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.
ﯺﯻﯼﯽ
70:9 ۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.
ﯾﯿﰀﰁﰂ
70:10 ۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛ
70:11 (توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.
ﭜﭝﭞ
70:12 ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).
ﭟﭠﭡﭢ
70:13 ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.
ﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩ
70:14 ۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.
ﭪﭫﭬﭭﭮ
70:15 ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.
ﭯﭰﭱ
70:16 مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.
ﭲﭳﭴﭵﭶ
70:17 جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.
ﭷﭸﭹ
70:18 ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿ
70:19 بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.
ﮀﮁﮂﮃﮄ
70:20 جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.
ﮅﮆﮇﮈﮉ
70:21 ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.
ﮊﮋﮌ
70:22 پر (اُھي) نمازي (نه).
ﮍﮎﮏﮐﮑﮒ
70:23 جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.
ﮓﮔﮕﮖﮗﮘ
70:24 ۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.
ﮙﮚﮛ
70:25 سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.
ﮜﮝﮞﮟﮠ
70:26 ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧ
70:27 ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.
ﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
70:28 بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.
ﮮﮯﮰﮱﯓ
70:29 ۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.
ﯔﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝﯞ
70:30 پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.
ﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦ
70:31 پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.
ﯧﯨﯩﯪﯫﯬ
70:32 ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.
ﯭﯮﯯﯰﯱ
70:33 ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.
ﯲﯳﯴﯵﯶﯷ
70:34 ۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.
ﯸﯹﯺﯻﯼ
70:35 اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.
ﯽﯾﯿﰀﰁﰂ
70:36 پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.
ﰃﰄﰅﰆﰇﰈ
70:37 سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.
ﰉﰊﰋﰌﰍﰎﰏﰐﰑ
70:38 منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
ﰒﰓﰔﰕﰖﰗﰘ
70:39 ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.
ﰙﰚﰛﰜﰝﰞﰟﰠ
70:40 پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙ
70:41 ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.
ﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
70:42 پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.
ﭣﭤﭥﭦﭧﭨﭩﭪﭫﭬ
70:43 جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷ
70:44 ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers