غافر · 82/85
ترجمو لکڻ — سوره غافر
أَفَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا أَكْثَرَ مِنْهُمْ وَأَشَدَّ قُوَّةً وَآثَارًا فِي الْأَرْضِ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ ۝٨٢
Afalam yaseeroo fil ardi fa yanzuroo kaifa kaana `aaqibatul lazeena min qablihim; kaanoo aksara minhum wa ashadda quwwatanw wa aasaaran fil ardi famaaa aghnaa `anhum maa kaanoo yaksiboon
📖 سنڌيءَ ۾
پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، (جو) کائن گھڻا ھوا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين ڪري (جي ڇڏي ويا) تمام ڏاڍا ھوا پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪمايائون تن کائن ڪجھ به نه ٽاريو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 80-84 — سوره غافر

80وَلَكُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَلِتَبْلُغُوا عَلَيْهَا حَاجَةً فِي صُدُورِكُمْ وَعَلَيْهَا وَعَلَى الْفُلْكِ تُحْمَلُونَ
۽ منجھن اوھان لاءِ (گھڻا) فائدا آھن ۽ ته مٿن چڙھي اُنھي مطلب کي پھچو جو اوھان جي دلين ۾ آھي ۽ مٿن ۽ ٻيڙين تي اوھان کي چاڙھبو آھي.
81وَيُرِيكُمْ آيَاتِهِ فَأَيَّ آيَاتِ اللَّهِ تُنكِرُونَ
۽ (الله) اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي، پوءِ الله جي ڪھڙين (ڪھڙين) نشانين کان انڪار ڪندؤ.
82أَفَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا أَكْثَرَ مِنْهُمْ وَأَشَدَّ قُوَّةً وَآثَارًا فِي الْأَرْضِ فَمَا أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ
پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، (جو) کائن گھڻا ھوا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين ڪري (جي ڇڏي ويا) تمام ڏاڍا ھوا پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪمايائون تن کائن ڪجھ به نه ٽاريو.
83فَلَمَّا جَاءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَرِحُوا بِمَا عِندَهُم مِّنَ الْعِلْمِ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُونَ
پوءِ جنھن مھل سندن پيغمبر مُعجزن سان وٽن آيا (تنھن مھل) جيڪو (دنيا ھلائڻ جو) عِلم وٽن ھو تنھن سببان خوش ٿيا ۽ جنھن (ڳالھ) تي ٺـٺوليون ڪندا ھوا تنھن (جي بڇڙائي) کين ويڙھيو.
84فَلَمَّا رَأَوْا بَأْسَنَا قَالُوا آمَنَّا بِاللَّهِ وَحْدَهُ وَكَفَرْنَا بِمَا كُنَّا بِهِ مُشْرِكِينَ
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب ڏٺائون (تنھن مھل) چيائون ته اڪيلي الله تي ايمان آندوسون ۽ جنھن شي کي (ساڻس) شريڪ مقرر ڪندا ھواسون تنھنجا منڪر ٿياسون.
غافرقرآن فهرست
85آيت
MeccanRevelation
82آيت

ترجمو — غافر 82

سوره غافر آيت 82 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين ته…

سوره آيت 82/85 — سوره غافر غافر (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره غافر ٻڌو, سوره غافر ترجمو, سوره غافر mp3, سوره غافر pdf. آيت 80–84. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers