La sourate Ar-Rahman en Sindhi
الرَّحْمَٰنُ(1) ٻاجھاري (الله). |
قرآن سيکاريو. |
ماڻھو کي پيدا ڪيائين. |
ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين. |
سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن. |
۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن. |
۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين. |
ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو. |
وَأَقِيمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيزَانَ(9) ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. |
ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين. |
منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن. |
۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين. |
۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن. |
انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن. |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
وَلَهُ الْجَوَارِ الْمُنشَآتُ فِي الْبَحْرِ كَالْأَعْلَامِ(24) ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن. |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو. |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
يَسْأَلُهُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ(29) جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي. |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّن نَّارٍ وَنُحَاسٌ فَلَا تَنتَصِرَانِ(35) اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
فَإِذَا انشَقَّتِ السَّمَاءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِ(37) پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُسْأَلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلَا جَانٌّ(39) پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
يُعْرَفُ الْمُجْرِمُونَ بِسِيمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِي وَالْأَقْدَامِ(41) ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
هَٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي يُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُونَ(43) (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو. |
انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
ٻئي باغ گھاٽا آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن. |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
مُتَّكِئِينَ عَلَىٰ فُرُشٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ ۚ وَجَنَى الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ(54) اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
فِيهِنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ(56) اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
مُدْهَامَّتَانِ(64) ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا. |
پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
مُتَّكِئِينَ عَلَىٰ رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِيٍّ حِسَانٍ(76) ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا. |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ. |
تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Ar-Rahman : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Ar-Rahman complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide