PDF —
36 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو مطففین pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو مطففین pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو مطففین ترجمو. مطففین (Meccan) 36 آيت.



36 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﯖﯗﯘ
83:1 (تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.
ﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
83:2 جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥ
83:3 ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.
ﯦﯧﯨﯩﯪﯫ
83:4 اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.
ﭑﭒﭓ
83:5 اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.
ﭔﭕﭖﭗﭘﭙ
83:6 جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.
ﭚﭛﭜﭝﭞﭟﭠ
83:7 سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.
ﭡﭢﭣﭤﭥ
83:8 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟
ﭦﭧﭨ
83:9 ھڪ لکيل دفتر آھي.
ﭩﭪﭫﭬ
83:10 اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.
ﭭﭮﭯﭰﭱ
83:11 جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
ﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
83:12 ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁ
83:13 جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.
ﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋﮌ
83:14 ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.
ﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓ
83:15 ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.
ﮔﮕﮖﮗﮘ
83:16 وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.
ﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
83:17 وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧ
83:18 سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.
ﮨﮩﮪﮫﮬ
83:19 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟
ﮭﮮﮯ
83:20 ھڪ لکيل دفتر آھي.
ﮰﮱﯓ
83:21 اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.
ﯔﯕﯖﯗﯘ
83:22 بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.
ﯙﯚﯛﯜ
83:23 تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.
ﯝﯞﯟﯠﯡﯢ
83:24 (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.
ﯣﯤﯥﯦﯧ
83:25 مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.
ﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
83:26 جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.
ﯰﯱﯲﯳ
83:27 اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.
ﯴﯵﯶﯷﯸ
83:28 جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.
ﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁ
83:29 بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.
ﰂﰃﰄﰅﰆ
83:30 ۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.
ﰇﰈﰉﰊﰋﰌﰍ
83:31 ۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.
ﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔ
83:32 ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.
ﰕﰖﰗﰘﰙ
83:33 ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
83:34 تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.
ﭘﭙﭚﭛ
83:35 تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.
ﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
83:36 (۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers