PDF —
19 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو انفطار pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو انفطار pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو انفطار ترجمو. انفطار (Meccan) 19 آيت.



19 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓﭔ
82:1 جڏھن آسمان ڦاٽندو.
ﭕﭖﭗﭘ
82:2 ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.
ﭙﭚﭛﭜ
82:3 ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.
ﭝﭞﭟﭠ
82:4 ۽ جڏھن قبرون پٽبيون.
ﭡﭢﭣﭤﭥﭦ
82:5 (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.
ﭧﭨﭩﭪﭫﭬﭭ
82:6 اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
ﭮﭯﭰﭱﭲ
82:7 جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
82:8 جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.
ﭺﭻﭼﭽﭾ
82:9 ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.
ﭿﮀﮁﮂ
82:10 ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.
ﮃﮄﮅ
82:11 سڳورا لکڻ وارا.
ﮆﮇﮈﮉ
82:12 جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.
ﮊﮋﮌﮍﮎ
82:13 بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.
ﮏﮐﮑﮒﮓ
82:14 ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
ﮔﮕﮖﮗ
82:15 عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
ﮘﮙﮚﮛﮜ
82:16 ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
ﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
82:17 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
ﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩ
82:18 وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
ﮪﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕ
82:19 اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers