PDF —
17 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو طارق pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو طارق pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو طارق ترجمو. طارق (Meccan) 17 آيت.



17 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓ
86:1 آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.
ﭔﭕﭖﭗﭘ
86:2 ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
ﭙﭚﭛ
86:3 (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.
ﭜﭝﭞﭟﭠﭡﭢ
86:4 ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.
ﭣﭤﭥﭦﭧ
86:5 تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.
ﭨﭩﭪﭫﭬ
86:6 ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
86:7 جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.
ﭳﭴﭵﭶﭷ
86:8 بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.
ﭸﭹﭺﭻ
86:9 جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂ
86:10 پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).
ﮃﮄﮅﮆ
86:11 ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.
ﮇﮈﮉﮊ
86:12 ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.
ﮋﮌﮍﮎ
86:13 ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.
ﮏﮐﮑﮒ
86:14 ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.
ﮓﮔﮕﮖ
86:15 بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.
ﮗﮘﮙ
86:16 ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.
ﮚﮛﮜﮝﮞ
86:17 پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers