سورو طارق عربي ۽ سنڌي

سورو طارق مڪمل سنڌي ترجمي سان پڙهو. عربي متن، سنڌي ترجمو ۽ آواز تلاوت. (17 آيت — مكية). طارق ٻڌو, طارق ترجمو, طارق mp3, طارق pdf.

سورو طارق پڙهو ۽ ٻڌو

🎧 آيت
M Mishary Rashid Alafasy
M Mahmoud Khalil Al-Husary
A Abdurrahman As-Sudais
M Mohamed Siddiq Al-Minshawi
A Abdul Basit Abdul Samad
A Ali Al-Hudhaify
A Ahmed ibn Ali al-Ajamy
A Abu Bakr Ash-Shaatree
M Muhammad Ayyoub
A Abdullah Basfar
A Abdullah Al-Juhani
M Maher Al Muaiqly
x1
وَالسَّمَاءِ وَالطَّارِقِ ۝١
📖 ترجمو آيت 1
آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.
وَمَا أَدْرَاكَ مَا الطَّارِقُ ۝٢
📖 ترجمو آيت 2
۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
النَّجْمُ الثَّاقِبُ ۝٣
📖 ترجمو آيت 3
(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.
إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ ۝٤
📖 ترجمو آيت 4
ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.
فَلْيَنظُرِ الْإِنسَانُ مِمَّ خُلِقَ ۝٥
📖 ترجمو آيت 5
تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.
خُلِقَ مِن مَّاءٍ دَافِقٍ ۝٦
📖 ترجمو آيت 6
ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.
يَخْرُجُ مِن بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَائِبِ ۝٧
📖 ترجمو آيت 7
جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.
إِنَّهُ عَلَىٰ رَجْعِهِ لَقَادِرٌ ۝٨
📖 ترجمو آيت 8
بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.
يَوْمَ تُبْلَى السَّرَائِرُ ۝٩
📖 ترجمو آيت 9
جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.
فَمَا لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ ۝١٠
📖 ترجمو آيت 10
پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).
وَالسَّمَاءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ۝١١
📖 ترجمو آيت 11
۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.
وَالْأَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ ۝١٢
📖 ترجمو آيت 12
۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.
إِنَّهُ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ۝١٣
📖 ترجمو آيت 13
ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.
وَمَا هُوَ بِالْهَزْلِ ۝١٤
📖 ترجمو آيت 14
۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.
إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًا ۝١٥
📖 ترجمو آيت 15
بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.
وَأَكِيدُ كَيْدًا ۝١٦
📖 ترجمو آيت 16
۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.
فَمَهِّلِ الْكَافِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا ۝١٧
📖 ترجمو آيت 17
پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.
→ 85 طارق (86/114) 87 ←
پڙهو سورو طارق سنڌي ترجمو – پڙهڻ ۽ ٻڌڻ

86الطارق At-Tariq 📚 17 آيت مكية

آيت به آيت – سورو طارق — 17 آيت




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers