صف · 10/14
ترجمو لکڻ — صف
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ تِجَارَةٍ تُنجِيكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ ۝١٠
Yaaa ayyuhal lazeena aammano hal adullukum `alaa tijaaratin tunjeekum min `azaabin aleem
📖 سنڌيءَ ۾
اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟
🎧 ٻڌو

📜 آيت 8-12 — صف

8يُرِيدُونَ لِيُطْفِئُوا نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَاللَّهُ مُتِمُّ نُورِهِ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ
(اُھي ڪافر) گھرندا آھن ته الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وِسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي توڻيڪ ڪافر مٺيان ڀانئين.
9هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَىٰ وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين.
10يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ تِجَارَةٍ تُنجِيكُم مِّنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ
اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟
11تُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَتُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللَّهِ بِأَمْوَالِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ ۚ ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
(ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.
12يَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَيُدْخِلْكُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ وَمَسَاكِنَ طَيِّبَةً فِي جَنَّاتِ عَدْنٍ ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
صفقرآن فهرست
14آيت
MedinanRevelation
10آيت

ترجمو — صف 10

سورو صف آيت 10 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه…

سورو آيت 10/14 — صف الصف (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: صف ٻڌو, صف ترجمو, صف mp3, صف pdf. آيت 8–12. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers