PDF —
40 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سوره نبأ pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سوره نبأ pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره نبأ ترجمو. سوره نبأ (Meccan) 40 آيت.



40 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﭑﭒﭓ
78:1 ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
ﭔﭕﭖﭗ
78:2 (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
ﭘﭙﭚﭛﭜ
78:3 جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
ﭝﭞﭟ
78:4 ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
ﭠﭡﭢﭣ
78:5 وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
ﭤﭥﭦﭧﭨ
78:6 زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
ﭩﭪﭫ
78:7 ۽ جبلن کي ميخون؟
ﭬﭭﭮ
78:8 ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
ﭯﭰﭱﭲ
78:9 ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
ﭳﭴﭵﭶ
78:10 ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
ﭷﭸﭹﭺ
78:11 ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
ﭻﭼﭽﭾﭿ
78:12 ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
ﮀﮁﮂﮃ
78:13 ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
78:14 ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
ﮊﮋﮌﮍﮎ
78:15 ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
ﮏﮐﮑ
78:16 ۽ گھاٽاباغ (به).
ﮒﮓﮔﮕﮖﮗ
78:17 بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
ﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞ
78:18 جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
ﮟﮠﮡﮢﮣ
78:19 ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
ﮤﮥﮦﮧﮨ
78:20 ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
ﮩﮪﮫﮬﮭ
78:21 بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
ﮮﮯﮰ
78:22 جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
ﮱﯓﯔﯕ
78:23 منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
ﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜ
78:24 اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
ﯝﯞﯟﯠ
78:25 تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
ﯡﯢﯣ
78:26 (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
ﯤﯥﯦﯧﯨﯩ
78:27 ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
ﯪﯫﯬﯭ
78:28 ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
ﯮﯯﯰﯱﯲ
78:29 ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
ﯳﯴﯵﯶﯷﯸ
78:30 پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
ﭑﭒﭓﭔ
78:31 بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
ﭕﭖﭗ
78:32 جو باغ ۽ ڊاکون.
ﭘﭙﭚ
78:33 ۽ ھم عمر نوجوان زالون.
ﭛﭜﭝ
78:34 ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
ﭞﭟﭠﭡﭢﭣﭤ
78:35 اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
ﭥﭦﭧﭨﭩﭪ
78:36 (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
ﭫﭬﭭﭮﭯﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶ
78:37 جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
ﭷﭸﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃﮄﮅﮆ
78:38 جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
ﮇﮈﮉﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐﮑ
78:39 اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
ﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠﮡ
78:40 بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.

قرآن ڪريم


Wednesday, September 9, 2026

Don't forget us in your sincere prayers