PDF —
50 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سورو مرسلات pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سورو مرسلات pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سورو مرسلات ترجمو. مرسلات (Meccan) 50 آيت.



50 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﮑﮒﮓ
77:1 چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.
ﮔﮕﮖ
77:2 پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.
ﮗﮘﮙ
77:3 ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.
ﮚﮛﮜ
77:4 پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.
ﮝﮞﮟ
77:5 پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.
ﮠﮡﮢﮣ
77:6 (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.
ﮤﮥﮦﮧ
77:7 ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.
ﮨﮩﮪﮫ
77:8 پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.
ﮬﮭﮮﮯ
77:9 ۽ جڏھن آسمان چيربو.
ﮰﮱﯓﯔ
77:10 ۽ جڏھن جبل اڏائبا.
ﯕﯖﯗﯘ
77:11 ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.
ﯙﯚﯛﯜ
77:12 (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.
ﯝﯞﯟ
77:13 فيصلي جي ڏينھن لاءِ.
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥ
77:14 ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.
ﯦﯧﯨﯩ
77:15 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﯪﯫﯬﯭ
77:16 پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟
ﯮﯯﯰﯱ
77:17 وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.
ﯲﯳﯴﯵ
77:18 ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.
ﯶﯷﯸﯹ
77:19 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖ
77:20 اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟
ﭗﭘﭙﭚﭛ
77:21 پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.
ﭜﭝﭞﭟ
77:22 ھڪ مُقرّر وقت تائين.
ﭠﭡﭢﭣ
77:23 پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.
ﭤﭥﭦﭧ
77:24 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﭨﭩﭪﭫﭬ
77:25 زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟
ﭭﭮﭯ
77:26 (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).
ﭰﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷ
77:27 ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.
ﭸﭹﭺﭻ
77:28 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂ
77:29 (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.
ﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
77:30 (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
77:31 نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.
ﮑﮒﮓﮔﮕ
77:32 بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.
ﮖﮗﮘﮙ
77:33 ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.
ﮚﮛﮜﮝ
77:34 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﮞﮟﮠﮡﮢ
77:35 اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.
ﮣﮤﮥﮦﮧ
77:36 ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.
ﮨﮩﮪﮫ
77:37 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓ
77:38 ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.
ﯔﯕﯖﯗﯘﯙ
77:39 پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.
ﯚﯛﯜﯝ
77:40 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﯞﯟﯠﯡﯢﯣ
77:41 بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
ﯤﯥﯦﯧ
77:42 ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.
ﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮ
77:43 (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.
ﯯﯰﯱﯲﯳ
77:44 بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.
ﯴﯵﯶﯷ
77:45 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﯸﯹﯺﯻﯼﯽ
77:46 (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.
ﯾﯿﰀﰁ
77:47 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﰂﰃﰄﰅﰆﰇﰈ
77:48 ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.
ﰉﰊﰋﰌ
77:49 اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
ﰍﰎﰏﰐﰑ
77:50 پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.

قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers