سوره بلد pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)
سوره بلد pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره بلد ترجمو. سوره بلد (Meccan) 20 آيت.
Related
- سوره بلد ترجموسنڌي
- سوره بلد mp3ٻڌو
- Quran Index سنڌي114
More سوره PDF
سوره بلد

ﭽﭾﭿﮀﮁ
90:1
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
ﮂﮃﮄﮅﮆ
90:2
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.
ﮇﮈﮉﮊ
90:3
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.
ﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
90:4
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.
ﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗ
90:5
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟
ﮘﮙﮚﮛﮜ
90:6
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.
ﮝﮞﮟﮠﮡﮢ
90:7
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟
ﮣﮤﮥﮦﮧ
90:8
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟
ﮨﮩﮪ
90:9
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟
ﮫﮬﮭ
90:10
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.
ﮮﮯﮰﮱ
90:11
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.
ﯓﯔﯕﯖﯗ
90:12
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟
ﯘﯙﯚ
90:13
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.
ﯛﯜﯝﯞﯟﯠﯡ
90:14
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.
ﯢﯣﯤﯥ
90:15
مائٽي واري ڇوري ٻار کي.
ﯦﯧﯨﯩﯪ
90:16
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.
ﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱﯲﯳﯴ
90:17
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
ﯵﯶﯷﯸ
90:18
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
90:19
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.
ﭘﭙﭚﭛ
90:20
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.
قرآن ڪريم
Wednesday, September 9, 2026
Don't forget us in your sincere prayers







