ابراہیم · 37/52
ترجمو لکڻ — سوره ابراہیم
رَّبَّنَا إِنِّي أَسْكَنتُ مِن ذُرِّيَّتِي بِوَادٍ غَيْرِ ذِي زَرْعٍ عِندَ بَيْتِكَ الْمُحَرَّمِ رَبَّنَا لِيُقِيمُوا الصَّلَاةَ فَاجْعَلْ أَفْئِدَةً مِّنَ النَّاسِ تَهْوِي إِلَيْهِمْ وَارْزُقْهُم مِّنَ الثَّمَرَاتِ لَعَلَّهُمْ يَشْكُرُونَ ۝٣٧
Rabbanaaa inneee askantu min zurriyyatee biwaadin ghairi zee zar`in `inda Baitikal Muharrami Rabbanaa liyuqeemus Salaata faj`al af`idatam minan naasi tahweee ilaihim warzuqhum minas samaraati la`allahum yashkuroon
📖 سنڌيءَ ۾
اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي ته اي اسانجا پالڻھار اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون انھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي ته مانَ اُھي شُڪرانو ڪن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 35-39 — سوره ابراہیم

35وَإِذْ قَالَ إِبْرَاهِيمُ رَبِّ اجْعَلْ هَٰذَا الْبَلَدَ آمِنًا وَاجْنُبْنِي وَبَنِيَّ أَن نَّعْبُدَ الْأَصْنَامَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي منھنجا پالڻھار ھن شھر (مڪي) کي امن وارو ڪر ۽ مون کي ۽ منھنجي اولاد کي بُتن جي پوڄڻ کان پاسي ڪر.
36رَبِّ إِنَّهُنَّ أَضْلَلْنَ كَثِيرًا مِّنَ النَّاسِ ۖ فَمَن تَبِعَنِي فَإِنَّهُ مِنِّي ۖ وَمَنْ عَصَانِي فَإِنَّكَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
اي منھنجا پالڻھار انھن (بتن) ماڻھن مان گھڻن کي ڀُلايو آھي، پوءِ جيڪو منھنجي پويان لڳو سو بيشڪ منھنجو آھي، ۽ جنھن منھنجي نافرماني ڪئي ته تون بيشڪ بخشڻھار مھربان آھين.
37رَّبَّنَا إِنِّي أَسْكَنتُ مِن ذُرِّيَّتِي بِوَادٍ غَيْرِ ذِي زَرْعٍ عِندَ بَيْتِكَ الْمُحَرَّمِ رَبَّنَا لِيُقِيمُوا الصَّلَاةَ فَاجْعَلْ أَفْئِدَةً مِّنَ النَّاسِ تَهْوِي إِلَيْهِمْ وَارْزُقْهُم مِّنَ الثَّمَرَاتِ لَعَلَّهُمْ يَشْكُرُونَ
اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير آباد ميدان ۾ تنھنجي تعظيم واري گھر وٽ ھِن لاءِ ٽڪايو آھي ته اي اسانجا پالڻھار اُھي نماز پڙھن پوءِ ڪن ماڻھن جون دليون انھن ڏانھن لڙندڙيون ڪر ۽ کين ميون جي روزي ڏي ته مانَ اُھي شُڪرانو ڪن.
38رَبَّنَا إِنَّكَ تَعْلَمُ مَا نُخْفِي وَمَا نُعْلِنُ ۗ وَمَا يَخْفَىٰ عَلَى اللَّهِ مِن شَيْءٍ فِي الْأَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاءِ
اي اسان جا پالڻھار جيڪي اسين ڳجھو ڪريون ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريون ٿا سو تون ڄاڻندو آھين، ۽ ڪابه شيءِ زمين ۾ الله کان ڳُجھي نه آھي ۽ نڪي آسمان ۾.
39الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي وَهَبَ لِي عَلَى الْكِبَرِ إِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ ۚ إِنَّ رَبِّي لَسَمِيعُ الدُّعَاءِ
سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن مون کي ٻڍاپي ۾ اسماعيل ۽ اسحاق عطا ڪيو، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور دُعا ٻڌندڙ آھي.
ابراہیمقرآن فهرست
52آيت
MeccanRevelation
37آيت

ترجمو — ابراہیم 37

سوره ابراہیم آيت 37 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : اي اسانجا پالڻھار مون پنھنجي اولاد مان ڪن کي غير…

سوره آيت 37/52 — سوره ابراہیم إبراهيم (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره ابراہیم ٻڌو, سوره ابراہیم ترجمو, سوره ابراہیم mp3, سوره ابراہیم pdf. آيت 35–39. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers