عنکبوت · 38/69
ترجمو لکڻ — عنکبوت
وَعَادًا وَثَمُودَ وَقَد تَّبَيَّنَ لَكُم مِّن مَّسَاكِنِهِمْ ۖ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيْطَانُ أَعْمَالَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ السَّبِيلِ وَكَانُوا مُسْتَبْصِرِينَ ۝٣٨
Wa `Aadanw wa Samooda wa qat tabaiyana lakum mim masaakinihim wa zaiyana lahumush Shaitaanu a`maalahum fasaddahum `anis sabeeli wa kaanoo mustabsireen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندين ڪن جاين مان اوھان کي پڌرو ٿي چڪو آھي، ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن عمل سينگاريا ھوا پوءِ کين سِڌي واٽ کان جھليائين ۽ (اُھي) سمجھ وارا (به) ھوا.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 36-40 — عنکبوت

36وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا فَقَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَارْجُوا الْيَوْمَ الْآخِرَ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
۽ مدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينھن جي اُميد رکو ۽ فسادي ٿي مُلڪ ۾ نه ڦِرو.
37فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَتْهُمُ الرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دَارِهِمْ جَاثِمِينَ
پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين زلزلي اچي ورتو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ اونڌا ٿي (مري) پيا.
38وَعَادًا وَثَمُودَ وَقَد تَّبَيَّنَ لَكُم مِّن مَّسَاكِنِهِمْ ۖ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيْطَانُ أَعْمَالَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ السَّبِيلِ وَكَانُوا مُسْتَبْصِرِينَ
۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندين ڪن جاين مان اوھان کي پڌرو ٿي چڪو آھي، ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن عمل سينگاريا ھوا پوءِ کين سِڌي واٽ کان جھليائين ۽ (اُھي) سمجھ وارا (به) ھوا.
39وَقَارُونَ وَفِرْعَوْنَ وَهَامَانَ ۖ وَلَقَدْ جَاءَهُم مُّوسَىٰ بِالْبَيِّنَاتِ فَاسْتَكْبَرُوا فِي الْأَرْضِ وَمَا كَانُوا سَابِقِينَ
۽ قارون ۽ فرعون ۽ ھامان کي (به چٽ ڪيوسون)، ۽ بيشڪ مُوسىٰ پڌرن معجزن سان وٽن آيو پوءِ مُلڪ ۾ وڏائي ڪيائون ۽ (اڳتي) وڌي ويندڙ نه ھوا.
40فَكُلًّا أَخَذْنَا بِذَنبِهِ ۖ فَمِنْهُم مَّنْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِ حَاصِبًا وَمِنْهُم مَّنْ أَخَذَتْهُ الصَّيْحَةُ وَمِنْهُم مَّنْ خَسَفْنَا بِهِ الْأَرْضَ وَمِنْهُم مَّنْ أَغْرَقْنَا ۚ وَمَا كَانَ اللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَٰكِن كَانُوا أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
پوءِ سڀڪنھن کي سندس گناھ سببان پڪڙيوسون، پوءِ منجھانئن ڪن تي سخت آنڌي موڪلي سون، ۽ منجھانئن ڪن کي ڪڙڪي (اچي) ورتو، ۽ منجھانئن ڪن کي زمين ۾ ڳھايوسون، ۽ منجھانئن ڪن کي ٻوڙيوسون، ۽ ڪڏھن ٿيڻو نه ھو جو الله مٿن ظلم ڪري پر ھنن پنھنجو پاڻ تي ظلم ٿي ڪيو.
عنکبوتقرآن فهرست
69آيت
MeccanRevelation
38آيت

ترجمو — عنکبوت 38

سورو عنکبوت آيت 38 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندين…

سورو آيت 38/69 — عنکبوت العنكبوت (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: عنکبوت ٻڌو, عنکبوت ترجمو, عنکبوت mp3, عنکبوت pdf. آيت 36–40. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers