حشر · 11/24
ترجمو لکڻ — حشر
۞ أَلَمۡ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ نَافَقُواْ يَقُولُونَ لِإِخۡوَٰنِهِمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ مِنۡ أَهۡلِ ٱلۡكِتَٰبِ لَئِنۡ أُخۡرِجۡتُمۡ لَنَخۡرُجَنَّ مَعَكُمۡ وَلَا نُطِيعُ فِيكُمۡ أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قُوتِلۡتُمۡ لَنَنصُرَنَّكُمۡ وَٱللَّهُ يَشۡهَدُ إِنَّهُمۡ لَكَٰذِبُونَ  ۝١١
Alam tara ilal lazeena naafaqoo yaqooloona li ikhwaanihimul lazeena kafaroo min ahlil kitaabi la`in ukhrijtum lanakhrujanna ma`akum wa laa nutee`u feekum ahadan abadanw-wa in qootiltum lanansuran nakum wallaahu yashhadu innahum lakaaziboon
📖 سنڌيءَ ۾
اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
🎧 ٻڌو

📜 آيت 9-13 — حشر

9وَٱلَّذِينَ تَبَوَّءُو ٱلدَّارَ وَٱلۡإِيمَٰنَ مِن قَبۡلِهِمۡ يُحِبُّونَ مَنۡ هَاجَرَ إِلَيۡهِمۡ وَلَا يَجِدُونَ فِي صُدُورِهِمۡ حَاجَةً مِّمَّآ أُوتُواْ وَيُؤۡثِرُونَ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمۡ وَلَوۡ كَانَ بِهِمۡ خَصَاصَةٌۚ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفۡسِهِۦ فَأُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلۡمُفۡلِحُونَ 
۽ (انھن لاءِ به آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مُھاجرن کان اڳ گھر بڻايو جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نه لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ کان پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪو احتياج ھوندو آھي، ۽ جن کي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن.
10وَٱلَّذِينَ جَآءُو مِنۢ بَعۡدِهِمۡ يَقُولُونَ رَبَّنَا ٱغۡفِرۡ لَنَا وَلِإِخۡوَٰنِنَا ٱلَّذِينَ سَبَقُونَا بِٱلۡإِيمَٰنِ وَلَا تَجۡعَلۡ فِي قُلُوبِنَا غِلًّا لِّلَّذِينَ ءَامَنُواْ رَبَّنَآ إِنَّكَ رَءُوفٌ رَّحِيمٌ 
۽ (اھو مال اُنھن لاءِ به آھي) جيڪي انھن (مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.
11۞ أَلَمۡ تَرَ إِلَى ٱلَّذِينَ نَافَقُواْ يَقُولُونَ لِإِخۡوَٰنِهِمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ مِنۡ أَهۡلِ ٱلۡكِتَٰبِ لَئِنۡ أُخۡرِجۡتُمۡ لَنَخۡرُجَنَّ مَعَكُمۡ وَلَا نُطِيعُ فِيكُمۡ أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قُوتِلۡتُمۡ لَنَنصُرَنَّكُمۡ وَٱللَّهُ يَشۡهَدُ إِنَّهُمۡ لَكَٰذِبُونَ 
اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
12لَئِنۡ أُخۡرِجُواْ لَا يَخۡرُجُونَ مَعَهُمۡ وَلَئِن قُوتِلُواْ لَا يَنصُرُونَهُمۡ وَلَئِن نَّصَرُوهُمۡ لَيُوَلُّنَّ ٱلۡأَدۡبَٰرَ ثُمَّ لَا يُنصَرُونَ 
جيڪڏھن تڙبُن ته (اُھي منافق) ساڻن (وطن مان) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي ته کين مدد نه ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) مدد ڏيندا ته ضرور پٺيون ڦيرائيندا، وري کين مدد نه ملندي.
13لَأَنتُمۡ أَشَدُّ رَهۡبَةً فِي صُدُورِهِم مِّنَ ٱللَّهِۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمۡ قَوۡمٌ لَّا يَفۡقَهُونَ 
(اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.
حشرقرآن فهرست
24آيت
MedinanRevelation
11آيت

ترجمو — حشر 11

سورو آيت 11/24 — حشر الحشر (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: حشر ٻڌو, حشر ترجمو, حشر mp3, حشر pdf. آيت 9–13. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, August 18, 2026

Don't forget us in your sincere prayers