تحریم · 11/12
ترجمو لکڻ — سوره تحریم
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِّلَّذِينَ آمَنُوا امْرَأَتَ فِرْعَوْنَ إِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِي عِندَكَ بَيْتًا فِي الْجَنَّةِ وَنَجِّنِي مِن فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنِي مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ ۝١١
Wa darabal laahu masa lal-lillazeena aamanumra ata Fir`awn; iz qaalat rabbibni lee `indaka baitan fil jannati wa najjinee min Fir`awna wa `amalihii wa najjinee minal qawmiz zaalimeen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي بچاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 9-12 — سوره تحریم

9يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْمُنَافِقِينَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ ۚ وَمَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ ۖ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ
اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان لڙائي ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي.
10ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِّلَّذِينَ كَفَرُوا امْرَأَتَ نُوحٍ وَامْرَأَتَ لُوطٍ ۖ كَانَتَا تَحْتَ عَبْدَيْنِ مِنْ عِبَادِنَا صَالِحَيْنِ فَخَانَتَاهُمَا فَلَمْ يُغْنِيَا عَنْهُمَا مِنَ اللَّهِ شَيْئًا وَقِيلَ ادْخُلَا النَّارَ مَعَ الدَّاخِلِينَ
الله نُوح جي زال ۽ لُوط جي زال جو ھڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ڪري ٿو، (اُھي) اسان جي ٻن صالحن ٻانھن (جي نڪاح) ھيٺ ھيون پوءِ اُنھن زالن ٻنھي سان خيانت ڪئي ۽ پوءِ اُھي ٻئي (پنھنجين) زالن کان الله جو عذاب ڪجھ به ٽاري نه سگھيا (انھن کي) چئبو ته باھ ۾ گھڙندڙن سان گڏ گھڙو.
11وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِّلَّذِينَ آمَنُوا امْرَأَتَ فِرْعَوْنَ إِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِي عِندَكَ بَيْتًا فِي الْجَنَّةِ وَنَجِّنِي مِن فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنِي مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي بچاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ.
12وَمَرْيَمَ ابْنَتَ عِمْرَانَ الَّتِي أَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيهِ مِن رُّوحِنَا وَصَدَّقَتْ بِكَلِمَاتِ رَبِّهَا وَكُتُبِهِ وَكَانَتْ مِنَ الْقَانِتِينَ
۽ مَرۡيم ڌِيءُ عِمۡران جي جنھن پنھنجي اُگھڙ کي بچايو پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھوائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي.
تحریمقرآن فهرست
12آيت
MedinanRevelation
11آيت

ترجمو — تحریم 11

سوره تحریم آيت 11 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال…

سوره آيت 11/12 — سوره تحریم التحريم (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره تحریم ٻڌو, سوره تحریم ترجمو, سوره تحریم mp3, سوره تحریم pdf. آيت 9–12. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers