شوری · 41/53
ترجمو لکڻ — سوره شوری
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعْدَ ظُلْمِهِ فَأُولَٰئِكَ مَا عَلَيْهِم مِّن سَبِيلٍ ۝٤١
Wa lamanin tasara ba`da zulmihee fa ulaaa`ika maa `alaihim min sabeel
📖 سنڌيءَ ۾
۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 39-43 — سوره شوری

39وَالَّذِينَ إِذَا أَصَابَهُمُ الْبَغْيُ هُمْ يَنتَصِرُونَ
۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن.
40وَجَزَاءُ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِّثْلُهَا ۖ فَمَنْ عَفَا وَأَصْلَحَ فَأَجْرُهُ عَلَى اللَّهِ ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الظَّالِمِينَ
۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.
41وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعْدَ ظُلْمِهِ فَأُولَٰئِكَ مَا عَلَيْهِم مِّن سَبِيلٍ
۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي.
42إِنَّمَا السَّبِيلُ عَلَى الَّذِينَ يَظْلِمُونَ النَّاسَ وَيَبْغُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ ۚ أُولَٰئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
(ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
43وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذَٰلِكَ لَمِنْ عَزْمِ الْأُمُورِ
۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي.
شوریقرآن فهرست
53آيت
MeccanRevelation
41آيت

ترجمو — شوری 41

سوره شوری آيت 41 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي…

سوره آيت 41/53 — سوره شوری الشورى (Meccan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره شوری ٻڌو, سوره شوری ترجمو, سوره شوری mp3, سوره شوری pdf. آيت 39–43. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers