تغابن · 8/18
ترجمو لکڻ — سوره تغابن
فَآمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَالنُّورِ الَّذِي أَنزَلْنَا ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ ۝٨
Fa-aaminoo billaahi wa rasoolihee wannooril lazeee anzalnaa; wallaahu bima ta`maloona khabeer
📖 سنڌيءَ ۾
تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 6-10 — سوره تغابن

6ذَٰلِكَ بِأَنَّهُ كَانَت تَّأْتِيهِمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَقَالُوا أَبَشَرٌ يَهْدُونَنَا فَكَفَرُوا وَتَوَلَّوا ۚ وَّاسْتَغْنَى اللَّهُ ۚ وَاللَّهُ غَنِيٌّ حَمِيدٌ
اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.
7زَعَمَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَن لَّن يُبْعَثُوا ۚ قُلْ بَلَىٰ وَرَبِّي لَتُبْعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِمَا عَمِلْتُمْ ۚ وَذَٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسِيرٌ
ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
8فَآمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَالنُّورِ الَّذِي أَنزَلْنَا ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ
تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.
9يَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ الْجَمْعِ ۖ ذَٰلِكَ يَوْمُ التَّغَابُنِ ۗ وَمَن يُؤْمِن بِاللَّهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّئَاتِهِ وَيُدْخِلْهُ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
10وَالَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي.
تغابنقرآن فهرست
18آيت
MedinanRevelation
8آيت

ترجمو — تغابن 8

سوره تغابن آيت 8 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ…

سوره آيت 8/18 — سوره تغابن التغابن (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره تغابن ٻڌو, سوره تغابن ترجمو, سوره تغابن mp3, سوره تغابن pdf. آيت 6–10. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers