تحریم · 5/12
ترجمو لکڻ — سوره تحریم
عَسَىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبْدِلَهُ أَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنكُنَّ مُسْلِمَاتٍ مُّؤْمِنَاتٍ قَانِتَاتٍ تَائِبَاتٍ عَابِدَاتٍ سَائِحَاتٍ ثَيِّبَاتٍ وَأَبْكَارًا ۝٥
Asaa rabbuhooo in tallaqakunna anyyubdilahooo azwaajan khairam mnkunna muslimaatim mu`minaatin qaanitaatin taaa`ibaatin `aabidaatin saaa`ihaatin saiyibaatinw wa abkaaraa
📖 سنڌيءَ ۾
جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھڻ واريون توبه ڪرڻ واريون عبادت ڪرڻ واريون رنيلان ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عوض ۾ ڏيندو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 3-7 — سوره تحریم

3وَإِذْ أَسَرَّ النَّبِيُّ إِلَىٰ بَعْضِ أَزْوَاجِهِ حَدِيثًا فَلَمَّا نَبَّأَتْ بِهِ وَأَظْهَرَهُ اللَّهُ عَلَيْهِ عَرَّفَ بَعْضَهُ وَأَعْرَضَ عَن بَعْضٍ ۖ فَلَمَّا نَبَّأَهَا بِهِ قَالَتْ مَنْ أَنبَأَكَ هَٰذَا ۖ قَالَ نَبَّأَنِيَ الْعَلِيمُ الْخَبِيرُ
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙي کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان ٽارو ڪيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بي) چيو ته اھا توکي ڪنھن ڄاڻائي، (پيغمبر) فرمايو ته مون کي (الله) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ خبر ڏني.
4إِن تَتُوبَا إِلَى اللَّهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوبُكُمَا ۖ وَإِن تَظَاهَرَا عَلَيْهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَوْلَاهُ وَجِبْرِيلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِينَ ۖ وَالْمَلَائِكَةُ بَعْدَ ذَٰلِكَ ظَهِيرٌ
(اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.
5عَسَىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبْدِلَهُ أَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنكُنَّ مُسْلِمَاتٍ مُّؤْمِنَاتٍ قَانِتَاتٍ تَائِبَاتٍ عَابِدَاتٍ سَائِحَاتٍ ثَيِّبَاتٍ وَأَبْكَارًا
جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھڻ واريون توبه ڪرڻ واريون عبادت ڪرڻ واريون رنيلان ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عوض ۾ ڏيندو.
6يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا قُوا أَنفُسَكُمْ وَأَهْلِيكُمْ نَارًا وَقُودُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ عَلَيْهَا مَلَائِكَةٌ غِلَاظٌ شِدَادٌ لَّا يَعْصُونَ اللَّهَ مَا أَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ
اي ايمان وارؤ پاڻ کي پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پھڻ ھوندا جنھن (باھ) تي سخت طبع زبردست ملائڪ (مُقرر) آھن جيڪي (الله) کين فرمايو آھي تنھن ۾ الله جي نافرماني نه ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حُڪم ڪبو آھي سو ڪندا آھن.
7يَا أَيُّهَا الَّذِينَ كَفَرُوا لَا تَعْتَذِرُوا الْيَوْمَ ۖ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
(ان ڏينھن چئبو ته) اي ڪافرؤ اڄ بھانو (پيش) نه ڪريو، جيڪي ڪندا ھئو رڳو تَنھنجي اوھان کي سزا ڏجي ٿي.
تحریمقرآن فهرست
12آيت
MedinanRevelation
5آيت

ترجمو — تحریم 5

سوره تحریم آيت 5 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته…

سوره آيت 5/12 — سوره تحریم التحريم (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره تحریم ٻڌو, سوره تحریم ترجمو, سوره تحریم mp3, سوره تحریم pdf. آيت 3–7. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Tuesday, September 8, 2026

Don't forget us in your sincere prayers