تحریم · 4/12
ترجمو لکڻ — سوره تحریم
إِن تَتُوبَا إِلَى اللَّهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوبُكُمَا ۖ وَإِن تَظَاهَرَا عَلَيْهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَوْلَاهُ وَجِبْرِيلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِينَ ۖ وَالْمَلَائِكَةُ بَعْدَ ذَٰلِكَ ظَهِيرٌ ۝٤
In tatoobaaa ilal laahi faqad saghat quloobukumaa wa in tazaaharaa `alihi fa innal laaha huwa mawlaahu wa jibreelu wa saalihul mu`mineen; walma laaa`ikatu ba`dazaalika zaheer
📖 سنڌيءَ ۾
(اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 2-6 — سوره تحریم

2قَدْ فَرَضَ اللَّهُ لَكُمْ تَحِلَّةَ أَيْمَانِكُمْ ۚ وَاللَّهُ مَوْلَاكُمْ ۖ وَهُوَ الْعَلِيمُ الْحَكِيمُ
بيشڪ الله اوھان لاءِ اوھان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آھي، ۽ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.
3وَإِذْ أَسَرَّ النَّبِيُّ إِلَىٰ بَعْضِ أَزْوَاجِهِ حَدِيثًا فَلَمَّا نَبَّأَتْ بِهِ وَأَظْهَرَهُ اللَّهُ عَلَيْهِ عَرَّفَ بَعْضَهُ وَأَعْرَضَ عَن بَعْضٍ ۖ فَلَمَّا نَبَّأَهَا بِهِ قَالَتْ مَنْ أَنبَأَكَ هَٰذَا ۖ قَالَ نَبَّأَنِيَ الْعَلِيمُ الْخَبِيرُ
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙي کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان ٽارو ڪيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بي) چيو ته اھا توکي ڪنھن ڄاڻائي، (پيغمبر) فرمايو ته مون کي (الله) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ خبر ڏني.
4إِن تَتُوبَا إِلَى اللَّهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوبُكُمَا ۖ وَإِن تَظَاهَرَا عَلَيْهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَوْلَاهُ وَجِبْرِيلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِينَ ۖ وَالْمَلَائِكَةُ بَعْدَ ذَٰلِكَ ظَهِيرٌ
(اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.
5عَسَىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبْدِلَهُ أَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنكُنَّ مُسْلِمَاتٍ مُّؤْمِنَاتٍ قَانِتَاتٍ تَائِبَاتٍ عَابِدَاتٍ سَائِحَاتٍ ثَيِّبَاتٍ وَأَبْكَارًا
جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھڻ واريون توبه ڪرڻ واريون عبادت ڪرڻ واريون رنيلان ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عوض ۾ ڏيندو.
6يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا قُوا أَنفُسَكُمْ وَأَهْلِيكُمْ نَارًا وَقُودُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ عَلَيْهَا مَلَائِكَةٌ غِلَاظٌ شِدَادٌ لَّا يَعْصُونَ اللَّهَ مَا أَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ
اي ايمان وارؤ پاڻ کي پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پھڻ ھوندا جنھن (باھ) تي سخت طبع زبردست ملائڪ (مُقرر) آھن جيڪي (الله) کين فرمايو آھي تنھن ۾ الله جي نافرماني نه ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حُڪم ڪبو آھي سو ڪندا آھن.
تحریمقرآن فهرست
12آيت
MedinanRevelation
4آيت

ترجمو — تحریم 4

سوره تحریم آيت 4 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : (اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه…

سوره آيت 4/12 — سوره تحریم التحريم (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره تحریم ٻڌو, سوره تحریم ترجمو, سوره تحریم mp3, سوره تحریم pdf. آيت 2–6. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers