La sourate Al-Waqiah en Sindhi
جڏھن قيامت ايندي. |
جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي. |
ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري. |
جڏھن زمين سخت ڌوڏبي. |
۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا. |
پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا. |
۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ. |
پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا. |
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟ |
۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا. |
اھي (ئي) مقرب آھن. |
نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا. |
گھڻا پھرين مان. |
۽ ٿورا پوين مان. |
(سون سان) اُڻيل تخت تي. |
ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا. |
ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا. |
آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن). |
(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا. |
۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن. |
۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين. |
وَحُورٌ عِينٌ(22) ۽ وڏين اکين وارون حورون. |
(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون. |
جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾. |
اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا. |
پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو. |
۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا. |
لاسڙين ٻيرين ۾. |
۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾. |
۽ ڊگھن پاڇن ۾. |
۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾. |
۽ گھڻن ميون ۾. |
نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا. |
۽ اُچا وڇاڻا. |
بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي. |
پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون. |
مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون. |
سڄي پاسي وارن لاءِ. |
گھڻي جماعت پھرين مان آھي. |
۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي. |
۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا. |
ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا. |
۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا. |
جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ. |
بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا. |
۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا. |
وَكَانُوا يَقُولُونَ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَإِنَّا لَمَبْعُوثُونَ(47) ۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟ |
يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا. |
(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان. |
ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا. |
وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ. |
ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ. |
پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ. |
پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ. |
پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ. |
قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي. |
اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو. |
ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو. |
تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟ |
نَحْنُ قَدَّرْنَا بَيْنَكُمُ الْمَوْتَ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ(60) اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون. |
عَلَىٰ أَن نُّبَدِّلَ أَمْثَالَكُمْ وَنُنشِئَكُمْ فِي مَا لَا تَعْلَمُونَ(61) ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو. |
وَلَقَدْ عَلِمْتُمُ النَّشْأَةَ الْأُولَىٰ فَلَوْلَا تَذَكَّرُونَ(62) ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟ |
ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو. |
سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟ |
لَوْ نَشَاءُ لَجَعَلْنَاهُ حُطَامًا فَظَلْتُمْ تَفَكَّهُونَ(65) جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو. |
(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون. |
بلڪ اسين بي نصيب آھيون. |
ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو. |
أَأَنتُمْ أَنزَلْتُمُوهُ مِنَ الْمُزْنِ أَمْ نَحْنُ الْمُنزِلُونَ(69) اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟ |
جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟ |
ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو. |
أَأَنتُمْ أَنشَأْتُمْ شَجَرَتَهَا أَمْ نَحْنُ الْمُنشِئُونَ(72) تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون. |
نَحْنُ جَعَلْنَاهَا تَذْكِرَةً وَمَتَاعًا لِّلْمُقْوِينَ(73) اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي. |
تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر. |
پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو. |
۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي. |
بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي. |
لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي. |
پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي. |
جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي. |
پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا. |
۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا. |
پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي. |
۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو. |
وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنكُمْ وَلَٰكِن لَّا تُبْصِرُونَ(85) ۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو. |
پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو. |
ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو. |
پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو. |
ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي. |
۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو. |
ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي. |
پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو. |
ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني. |
۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي. |
بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي. |
تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر. |
Plus de sourates en Sindhi :
Téléchargez la sourate avec la voix des récitants du Coran les plus célèbres :
Téléchargez le fichier mp3 de la sourate Al-Waqiah : choisissez le récitateur pour écouter et télécharger la sourate Al-Waqiah complète en haute qualité.















Donnez-nous une invitation valide