PDF —
60 آيت Meccan PDF
Built right in your browser — download starts automatically

سوره ذاریات pdf — ڊائونلوڊ (سنڌي)

سوره ذاریات pdf سنڌي — ڊائونلوڊ سوره ذاریات ترجمو. سوره ذاریات (Meccan) 60 آيت.

→ قسوره ذاریات طور ←


60 آيت · Meccan · سنڌي
bismillah
ﯤﯥﯦ
51:1 قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.
ﯧﯨﯩ
51:2 پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.
ﯪﯫﯬ
51:3 پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.
ﯭﯮﯯ
51:4 پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
ﯰﯱﯲﯳ
51:5 ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.
ﯴﯵﯶﯷ
51:6 ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.
ﭑﭒﭓﭔ
51:7 واٽن واري آسمان جو قسم آھي.
ﭕﭖﭗﭘﭙ
51:8 ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.
ﭚﭛﭜﭝﭞ
51:9 قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.
ﭟﭠﭡ
51:10 اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.
ﭢﭣﭤﭥﭦﭧ
51:11 جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.
ﭨﭩﭪﭫﭬ
51:12 پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
51:13 (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹﭺ
51:14 (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.
ﭻﭼﭽﭾﭿﮀ
51:15 بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
ﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋ
51:16 جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.
ﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒ
51:17 رات جو ٿورو سمھندا ھوا.
ﮓﮔﮕﮖ
51:18 ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.
ﮗﮘﮙﮚﮛﮜ
51:19 ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.
ﮝﮞﮟﮠﮡ
51:20 ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.
ﮢﮣﮤﮥﮦﮧ
51:21 ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟
ﮨﮩﮪﮫﮬﮭ
51:22 ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.
ﮮﮯﮰﮱﯓﯔﯕﯖﯗﯘ
51:23 پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.
ﯙﯚﯛﯜﯝﯞﯟ
51:24 اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟
ﯠﯡﯢﯣﯤﯥﯦﯧﯨﯩﯪ
51:25 جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.
ﯫﯬﯭﯮﯯﯰﯱ
51:26 پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.
ﯲﯳﯴﯵﯶﯷ
51:27 پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟
ﯸﯹﯺﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂﰃ
51:28 پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.
ﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌﰍ
51:29 پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).
ﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔﰕﰖﰗ
51:30 چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗ
51:31 (ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.
ﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞ
51:32 چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.
ﭟﭠﭡﭢﭣﭤ
51:33 ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.
ﭥﭦﭧﭨﭩ
51:34 جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.
ﭪﭫﭬﭭﭮﭯﭰ
51:35 پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.
ﭱﭲﭳﭴﭵﭶﭷﭸ
51:36 پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.
ﭹﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀ
51:37 ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.
ﮁﮂﮃﮄﮅﮆﮇﮈﮉ
51:38 ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.
ﮊﮋﮌﮍﮎﮏﮐ
51:39 پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.
ﮑﮒﮓﮔﮕﮖﮗﮘ
51:40 تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.
ﮙﮚﮛﮜﮝﮞﮟﮠ
51:41 ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.
ﮡﮢﮣﮤﮥﮦﮧﮨﮩﮪ
51:42 جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.
ﮫﮬﮭﮮﮯﮰﮱﯓﯔ
51:43 ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.
ﯕﯖﯗﯘﯙﯚﯛﯜﯝ
51:44 پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.
ﯞﯟﯠﯡﯢﯣﯤﯥ
51:45 پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.
ﯦﯧﯨﯩﯪﯫﯬﯭﯮﯯ
51:46 ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.
ﯰﯱﯲﯳﯴﯵ
51:47 ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.
ﯶﯷﯸﯹﯺ
51:48 ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.
ﯻﯼﯽﯾﯿﰀﰁﰂ
51:49 ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
ﰃﰄﰅﰆﰇﰈﰉﰊﰋﰌ
51:50 پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
ﰍﰎﰏﰐﰑﰒﰓﰔﰕﰖﰗﰘﰙ
51:51 ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
ﭑﭒﭓﭔﭕﭖﭗﭘﭙﭚﭛﭜﭝﭞ
51:52 اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.
ﭟﭠﭡﭢﭣﭤﭥﭦ
51:53 ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.
ﭧﭨﭩﭪﭫﭬ
51:54 تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.
ﭭﭮﭯﭰﭱﭲ
51:55 ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.
ﭳﭴﭵﭶﭷﭸﭹ
51:56 ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.
ﭺﭻﭼﭽﭾﭿﮀﮁﮂﮃ
51:57 نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.
ﮄﮅﮆﮇﮈﮉﮊﮋ
51:58 بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.
ﮌﮍﮎﮏﮐﮑﮒﮓﮔﮕ
51:59 پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.
ﮖﮗﮘﮙﮚﮛﮜﮝ
51:60 پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.

قرآن ڪريم


Wednesday, September 9, 2026

Don't forget us in your sincere prayers