بقرہ · 111/286
ترجمو لکڻ — سوره بقرہ
وَقَالُوا لَن يَدْخُلَ الْجَنَّةَ إِلَّا مَن كَانَ هُودًا أَوْ نَصَارَىٰ ۗ تِلْكَ أَمَانِيُّهُمْ ۗ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ ۝١١١
Wa qaaloo lai yadkhulal jannata illaa man kaana Hoodan aw Nasaaraa; tilka ammniyyuhum; qul haatoo burhaa nakum in kuntum saadiqeen
📖 سنڌيءَ ۾
۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 109-113 — سوره بقرہ

109وَدَّ كَثِيرٌ مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ لَوْ يَرُدُّونَكُم مِّن بَعْدِ إِيمَانِكُمْ كُفَّارًا حَسَدًا مِّنْ عِندِ أَنفُسِهِم مِّن بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمُ الْحَقُّ ۖ فَاعْفُوا وَاصْفَحُوا حَتَّىٰ يَأْتِيَ اللَّهُ بِأَمْرِهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن ته جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوھان کي ساڙ سببان جو سندين دلين ۾ آھي کين جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي ان کانپوءِ به موٽائي ڪافر ڪن، پوءِ ايسين ٽري وڃو ۽ مُڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
110وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ ۚ وَمَا تُقَدِّمُوا لِأَنفُسِكُم مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوهُ عِندَ اللَّهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.
111وَقَالُوا لَن يَدْخُلَ الْجَنَّةَ إِلَّا مَن كَانَ هُودًا أَوْ نَصَارَىٰ ۗ تِلْكَ أَمَانِيُّهُمْ ۗ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو.
112بَلَىٰ مَنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ فَلَهُ أَجْرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نواڙيو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي، ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
113وَقَالَتِ الْيَهُودُ لَيْسَتِ النَّصَارَىٰ عَلَىٰ شَيْءٍ وَقَالَتِ النَّصَارَىٰ لَيْسَتِ الْيَهُودُ عَلَىٰ شَيْءٍ وَهُمْ يَتْلُونَ الْكِتَابَ ۗ كَذَٰلِكَ قَالَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ مِثْلَ قَوْلِهِمْ ۚ فَاللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
۽ يھودي چون ٿا ته نصارىٰ ڪنھن دين تي نه آھن، ۽ نصارىٰ چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن ۽ (حقيقت ڪري) اُھي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) پڙھندا آھن، اھڙي طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن سي (به) سندن چوڻ جھڙو چوندا آھن. پر الله قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.
بقرہقرآن فهرست
286آيت
MedinanRevelation
111آيت

ترجمو — بقرہ 111

سوره بقرہ آيت 111 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن…

سوره آيت 111/286 — سوره بقرہ البقرة (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره بقرہ ٻڌو, سوره بقرہ ترجمو, سوره بقرہ mp3, سوره بقرہ pdf. آيت 109–113. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers