بقرہ · 110/286
ترجمو لکڻ — سوره بقرہ
وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ ۚ وَمَا تُقَدِّمُوا لِأَنفُسِكُم مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوهُ عِندَ اللَّهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ ۝١١٠
Wa aqeemus salaata wa aatuz zakaah; wa maa tuqaddimoo li anfusikum min khairin tajidoohu `indal laah; innal laaha bimaa ta`maloona baseer
📖 سنڌيءَ ۾
۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.

🎧 ٻڌو


📜 آيت 108-112 — سوره بقرہ

108أَمْ تُرِيدُونَ أَن تَسْأَلُوا رَسُولَكُمْ كَمَا سُئِلَ مُوسَىٰ مِن قَبْلُ ۗ وَمَن يَتَبَدَّلِ الْكُفْرَ بِالْإِيمَانِ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاءَ السَّبِيلِ
(اي مسلمانؤ) اوھين پنھنجي پيغمبر کان ايئن سوال ڪرڻ ڇو ٿا گھرو جيئن اڳ (يھودين) موسىٰ کان پڇيو ھو؟ ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو سو بيشڪ سِڌيءَ واٽ کان ڀُلو.
109وَدَّ كَثِيرٌ مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ لَوْ يَرُدُّونَكُم مِّن بَعْدِ إِيمَانِكُمْ كُفَّارًا حَسَدًا مِّنْ عِندِ أَنفُسِهِم مِّن بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمُ الْحَقُّ ۖ فَاعْفُوا وَاصْفَحُوا حَتَّىٰ يَأْتِيَ اللَّهُ بِأَمْرِهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
ڪتاب وارن مان گھڻا گھرندا آھن ته جيڪر اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ به اوھان کي ساڙ سببان جو سندين دلين ۾ آھي کين جو حق پڌرو ٿي چڪو آھي ان کانپوءِ به موٽائي ڪافر ڪن، پوءِ ايسين ٽري وڃو ۽ مُڙي وڃو جيسين الله پنھنجو حڪم موڪلي، ڇو ته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
110وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَآتُوا الزَّكَاةَ ۚ وَمَا تُقَدِّمُوا لِأَنفُسِكُم مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوهُ عِندَ اللَّهِ ۗ إِنَّ اللَّهَ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا چڱائي پاڻ لاءِ اڳي موڪليندؤ سا الله وٽ لھندؤ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.
111وَقَالُوا لَن يَدْخُلَ الْجَنَّةَ إِلَّا مَن كَانَ هُودًا أَوْ نَصَارَىٰ ۗ تِلْكَ أَمَانِيُّهُمْ ۗ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
۽ (يھودي ۽ نصارىٰ) چون ٿا ته يھودين ۽ نصارن کانسواءِ بھشت ۾ ڪوئي نه گھڙندو. اِھي سندن سڌون آھن. (اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏھن سچا آھيو ته پنھنجو ڪو دليل آڻيو.
112بَلَىٰ مَنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحْسِنٌ فَلَهُ أَجْرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
ھائو، جنھن پنھنجو مُنھن الله لاءِ نواڙيو ۽ اُھو ڀلارو ھوندو تنھن لاءِ سندس پالڻھار وٽ سندس اجر آھي، ۽ نڪي کين ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
بقرہقرآن فهرست
286آيت
MedinanRevelation
110آيت

ترجمو — بقرہ 110

سوره بقرہ آيت 110 - پڙهو, ٻڌو, ترجمو, سنڌي : ۽ (اي مسلمانؤ) نماز پڙھو ۽ زڪوٰت ڏيو، ۽ جيڪا…

سوره آيت 110/286 — سوره بقرہ البقرة (Medinan). پڙهو ٻڌو ترجمو (سنڌي). ٻڌو: سوره بقرہ ٻڌو, سوره بقرہ ترجمو, سوره بقرہ mp3, سوره بقرہ pdf. آيت 108–112. سنڌيءَ ۾: اردو.




قرآن ڪريم


Monday, September 7, 2026

Don't forget us in your sincere prayers